داخلا نمبر 1990
عنوان بسنت ڪمار رائچنداڻي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 625 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بسنت ڪمار رائچنداڻي

بسنت ڪمار رائچنداڻي: شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”تياڳي“ آهي. انٽر آرٽس تائين تعليم حاصل ڪيائين. تاريخ 27 مارچ 1940ع تي تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو. شاعري سندس خاص موضوع آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”بوندون ٿيون برسن“ 1972ع ۾ ڇپيو ۽ سندس ٻيون رچنائون ٽڙيل پکڙيل آهن. آل انڊيا ريڊيو تان پڻ رچنائون پيش ٿيل اٿس. هن وقت بئراڳڙه ڀوپال (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.03.27  عيسوي

بسنت ڪمار رائچنداڻي 27 مارچ 1940ع تي تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون