بسمل ٽکڙائي

بسمل ٽکڙائي: علامه حافظ محمد يوسف ميمڻ جو ٽيون ۽ ننڍي ۾ ننڍو فرزند، حافظ محمد عبدالله ”بسمل“ 1306هه/ 1888ع ۾ موجود ٽکڙ، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊو محمد خان) ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي والد جي مڪتب مان سنڌي ۽ پارسيءَ جي تعليم سان گڏ قرآن ڪريم به ياد ڪيائين. اتان فارغ ٿيڻ کان پوءِ علامه اسدالله شاهه ”فدا“ وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ويٺو. مگر جلد ئي پنهنجي والد جي وفات ڪري، تعليم ڇڏي گھر جي ڪم ڪار ۾ ڀاءُ سان ٻانهن ٻيلي ٿيو. حافظ محمد هارون کانپوءِ، پارسيءَ ۾ ماهر حافظ عبدالله ”بسمل“ ئي هو. ٽکڙ جي عالمن ۽ فاضلن جي آخري نشاني به حافظ صاحب ئي هو. سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو درس و تدريس ۾ گذريو، پر جيئن ته ٽکڙ ۾ ڪا ايڏي آمدني نه هئس، انهيءَ ڪري 1335هه/ 1916ع ڌاري حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ گذر سفر لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس آمدني جو ذريعو فقط علم هو، جنهن مان کين ايڏو اپراسو ڪونه ٿيندو هو، جنهن مان سکي ستابي زندگي گذاري سگھن. ڪجهه عرصي کان پوءِ حيدرآباد ڇڏي وري ٽکڙ ۾ آيو، جتي حضرت آغا حسين جان سرهنديءَ، حضرت صاحب جي درگاهه (مقبره) واري مڪتب ۾ کيس معلم ڪري رکيو، مگر اتي به حافظ صاحب جي آزاد طبيعت کي چين نه آيو ۽ اها ملازمت به ڇڏي ڏني. پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ عبدالشڪور منشيءَ جي زيرِ نگراني حيدرآباد مان روزانه ”هلال پاڪستاناخبار شايع ٿيڻ لڳي. پاڻ اتي ملازمت شروع ڪئي، کيس ’شاعر خاص‘ ڪري رکيو ويو. ”هلال پاڪستان“ ۾ روزانو حافظ صاحب جو قومي ۽ نعتيه ڪلام شايع ٿيندو هو. حافظ صاحب پنهنجي ڪلام جي ذريعي قوم ۽ ادب جي ڪافي خدمت ۽ ترجماني ڪئي آهي. حافظ صاحب پڇاڙيءَ جا ڏينهن وڏي تڪليف ۾ گذاريا. بيمارين جي مسلسل حملن سبب ترت علاج ڪرائي نه سگهيو ۽ 20 آڪٽوبر 1950ع تي 64 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. کيس ڪو نرينو اولاد ڪونهي. هن خاندان جو حافظ صاحب آخري شاعر هو. حافظ صاحب جي شاعريءَ جي ابتدا اٽڪل يارهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٿي. سندس پهريون استاد سندس والد حافظ محمد يوسف ۽ پوءِ حافظ محمد هارون ”دلگير“ هئا. شاعرن جي صحبت ۽ استادن جي اصلاح مان حافظ صاحب چڱو فيض پرايو. ان وقت ٽکڙ مان نڪرندڙ رسالن ”بهار اخلاق“ ۽ ”الاصلاح“ ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو. پاڻ اديب، صحافي ۽ شاعر به هو. مرحوم ”بسمل“ کي سنڌ جي شاعرن ۾ اهم مقام حاصل آهي. مرحوم ڪجهه وقت هالن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب وٽ اچي رهيو هو ۽ سندن ڪافي ڪلام سندن هٿ اکرين مخدوم خاندان وٽ موجود آهي. سندس تصنيفون هن ريت آهن: ’ڪنزالعبرت (1956ع)، ’مثنوي محمدي‘ ۽ ’ڪلام بسمل‘. حافظ صاحب جو ڪلام هر اخبار ۽ هر رسالي ۾ شايع ٿيندو رهيو. ڪيتريون اخبارون سندس نالي جي اڳيان ”استاد الشعراء“ لکنديون هيون. حافظ صاحب جو ڪلام نهايت پختو، سهڻن لفظن، بلند خيالن، چست بندشن، سهڻن محاورن سان سينگاريل آهي. پنهنجي اوائلي دور کان وٺي وچئين دور تائين، صاف سنڌي چڱي ڪم آندي اٿس.


لفظ بسمل ٽکڙائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.00.00  عيسوي

بسمل ٽکڙائي 1888ع ڌاري ٽکڙ (هاڻوڪي ٽنڊو محمد خان) ۾ ڄائو.


1950.10.20  عيسوي

بسمل ٽکڙائي 20 آڪٽوبر 1950ع تي 64 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽو حبيب الله
اختر ثانوري
ڀڳت ڪبير
احمد فقير لغاري
علي گل سانگي
خير محمد سوز
اٻوجهو الهه بخش
رضوي سيد مظفر علي شاهه
ڇَتو فقير سانگي
آفاق صديقي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون