داخلا نمبر 1979
عنوان بسمل ٽکڙائي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 589 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بسمل ٽکڙائي

بسمل ٽکڙائي: اصلي نالو حافظ عبدالله ولد محمد يوسف ميمڻ، تخلص ”بسمل“، 1306هه/1888ع ڌاري ٽکڙ، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ ڄائو. مرحوم بهترين شاعر، مسڪين طبيعت شخص، زماني جو ستايل صابر مرد، ماٺيڻو ۽ نماڻو انسان هو. 20 آڪٽوبر 1950ع تي وفات ڪيائين. پاڻ اديب، صحافي ۽ شاعر به هو. مرحوم ”بسمل“ کي سنڌ جي شاعرن ۾ اهم مقام حاصل آهي. مرحوم ڪجهه وقت هالن ۾ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ صاحب وٽ اچي رهيو هو ۽ سندن ڪافي ڪلام سندن هٿ اکرين مخدوم خاندان وٽ موجود آهي. سندس تصنيفون هيٺينءَ ريت آهن: ’ڪنزالعبرت‘ (1956ع)، ’مثنوي محمدي‘ ۽ ’ڪلام بسمل‘ .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.00.00  عيسوي

بسمل ٽکڙائي 1888ع ڌاري ٽکڙ (هاڻوڪي ٽنڊو محمد خان) ۾ ڄائو.


1950.00.00  عيسوي

بسمل ٽکڙائي 20 آڪٽوبر 1950ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون