داخلا ؛ 1862
پڙهيو ويو ؛ 271
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-06


تصويرون


barel-system.jpg
بريل سسٽم
بريل سسٽم



ٽائيم لائين

1809.00.00-A.D
لوئي بريل 1809ع ۾ پيدا ٿيو.

1852.00.00-A.D
لوئي بريل 1852ع ۾ وفات ڪئي.

1835.00.00-A.D
لوئي بريل 1835ع ۾ بريل سسٽم ايجاد ڪيو.




sindhianaسنڌيانا--بريل سسٽم

ٽائيٽل ؛ بريل سسٽم


شاخ : تعليم

بريل سسٽم: نابين ماڻهن کي پڙهائڻ جو هڪ طريقو، جيڪو فرانس جي ”لوئي بريل“ ايجاد ڪيو هو، اهو ڇهن اُڀريل نقطن تي مشتمل هو. -بريل سسٽم- مان مراد اکين کان معذور ماڻهن کي پڙهائڻ آهي. هن نظام موجب لفظ اڀريل هوندا آهن انهن کي ڇهڻ کان پوءِ پڙهيو ويندو آهي. اصل ۾ اهي اکر نه هوندا آهن، پر ڇهن نقطن سان اکرن ۽ انگن جون علامتون ٺاهيون وينديون آهن. اکين کان معذور ماڻهن کي حرف سڃاڻڻ جو اهو طريقو پيرس جي هڪ اسڪول جي -استاد- لوئي بريل 1835ع ۾ ايجاد ڪيو. لوئي بريل 1809ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1852 ۾ وفات ڪري ويو. لوئي بريل -ٽن- سالن جي عمر ۾ بينائيءَ کان محروم ٿيڻ کان جڏهن پنجن ڇهن سالن جو ٿيو ته کيس سندس ئي ڳوٺ جي هڪ پادريءَ وٽ پڙهائڻ لاءِ ڇڏيو ويو، جنهن هن کي مختلف شيون ياد ڪرايون. -ان- کان پوءِ کيس پادريءَ ڳوٺ جي عام اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني، -جتي- هن بنيادي -تعليم- حاصل ڪئي. -ان- کان پوءِ اُتان جي -استاد- جي مشوري تي هن جي والد سندس فرانس جي شهر پئرس ۾ موجود انسٽيٽيوٽ فار دي بلائينڊس ۾ داخل ڪرايو، -جتي- هن -تعليم- حاصل ڪئي. -تعليم- مڪمل ڪرڻ بعد ساڳئي اسڪول ۾ -استاد- مقرر ٿيو. سندس ايجاد ڪيل ڇهن اُڀريل نقطن مان 63 جدا جدا صورتون ٺهن ٿيون. فرينچ کان پوءِ انگريزيءَ، عربي، اردو، سنڌيءَ ۽ دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ -بريل سسٽم- موجود آهي ۽ هن سسٽم تحت اسپيشل ايجوڪيشن ذريعي اسپيشل ٻارن کي پڙهايو ويندو آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بريل سسٽم- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بريل سسٽم - مان نڪتل ٻيون شاخون-


تعليم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالغن جي تعليم
بريل سسٽم
انڊا


.....تعليم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن