براهوي

براهوي (Brahui ):هيءَ ٻولي براهوي، براهوجي ۽ ڪرگلي جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي. هن جا ٽي لهجا آهن: 1 جهالاوان، 2. قلات، 3. سروان .
هيءَ ٻولي بلوچستان صوبي جو وچ ڏکڻ، ڪوئيٽا، قلات، اوڀر بلوچستان ۽ سنڌ کان سواءِ افغانستان ايران ترڪمانستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. براهوي ٻولي اترئين دراوڙي ٻولين جي خاندان مان آهي .
تازو هن ٻوليءَ لاءِ رومن لپي منظور ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اڪثر عربي لپيءَ ۾ لکي ويندي آهي. پاڪستان ۾ هيءَ عربي لپيءَ ۾ لکي ويندي آهي. مشهور اديب جوهر بروهي سنڌ مان مستقل رسالو ڪڍندو آهي. بروهين جا سنڌين سان مستقل لاڳاپا آهن. گهڻو ڪري هر هاري، مالوند واپاري مسلمان آهن. بروهي دراوڙين جي اترين شاخ ڪري سمجهيا وڃن ٿا. ڪي وري کين سنڌو تهذيب وارا سمجهن ٿا. هن ٻوليءَ تي سنڌو تهذيب جي حوالي سان تحقيق جي ضرورت آهي. بروهي دراوڙن جي شاخ آهي، جيڪا هزارها سالن کان پنهنجن اصل ماڳن تي رهيل آهي. جڏهن ته چار هزار سال ق- م دراوڙن جون ڪي شاخون ڏکڻ ڏي هجرت ڪري ويون هيون. چون ٿا ته حضرت ابراهيم عليه السلام جا وڏا به هتان سنڌ مان هجرت ڪري ساڳي واٽ ڏئي ايران ۽ آخر ۾ اُر ويا هئا. ايران ۾ ابراهيمي ٻولي ۽ ڪي قبيلا ان جو يادگار آهن .


لفظ براهويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو