داخلا نمبر 548
عنوان بدنصيب ٿري
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 732 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
بدنصيب ٿري - ڪتاب جو عڪس

بدنصيب ٿري - ڪتاب جو عڪس

بدنصيب ٿري

بدنصيب ٿري (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب، نامور اديب ۽ تعليمدان محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل مشهور ڊرامو آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 144 صفحا آهن ۽ قيمت ڄاڻايل ناهي. ڇاپو پهريون، سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ، ايڊيوڪيشنل پريس، ڪراچيءَ مان سال 1939ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ڇاپو ٻيو، هندستان بوڪ ڊيپو طرفان آفتاب پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1947ع ۾ ڇپيو. پنجون ڇاپو، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1948ع ۾ شايع ڪيو. ۽ ڇهون ڇاپو به آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس طرفان، سال 1957ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو هڪ ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ پاران به 1999ع ۾ ڇپيو. سيد غلام مصطفيٰ عرساڻي صاحب جي ٻن ڪتابن تي مشتمل ڪتاب ’ٻه ڪتاب‘ ڇپايو هو، جنهن ۾ ’بدنصيب ٿري‘ به شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو