بدر قريشي

بدر قريشي

بدر قريشي

بدر قريشي: بدرالدين ”بدر“ ولد اميربخش ”امير“ قريشي 12 اپريل 1941ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پنهنجي والد جي نوڪريءَ سانگي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. تعليم انٽر آرٽس هئس. ڪجهه وقت هڪ غيرسرڪاري دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪيائين. ڪجهه عرصو انگريزيءَ ۾ صحافت به ڪيائين. پر بدقسمتيءَ سان ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ روڊ حادثي کانپوءِ باقي سڄي حياتي بستري تي معذوريءَ حالت ۾ گذاريائين. سندس بسترو هڪ دريءَ جي ڀرسان رکيل هوندو هو، جيڪا هڪ اهڙي باغ ڏانهن کلندي هئي، جنهن ۾ ٻار راند روند ڪندا هئا. بس، زندگيءَ جو سڄو اتساهه اتان وٺندو هو ۽ ڏاڍي خوبصورت شاعري ڪندو هو. ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ نه وري چهري تي رنج جي ريکا آيس. بدر قريشيءَ کي علم ۽ ادب سان تمام گهڻو شوق هو. نظم خواهه نثر ۾ مسلسل لکندو رهيو. سال 1950ع ۾ پهريائين ”سرشار“ عقيليءَ ۽ بعد ۾ پنهنجي والد بزرگوار ”امير قريشيءَ“ وٽان شعر - سخن جي سکيا ۽ اصلاح حاصل ڪيائين. سنڌي زبان کان سواءِ اردوءَ ۾ به آسانيءَ سان شعر جوڙيندو هو. معذوريءَ واري حالت ۾ به سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سرگرم ميمبر رهيو، سندس معذوريءَ سبب ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون سڀ گڏجاڻيون، سندس گهر تي ٿينديون هيون. سندس سنڌي شاعريءَ جو مجموعو قلمي صورت ۾ موجود آهي. سندس عمر گهڻي ڪانه ٿي ۽ پاڻ 17 يا 18 سالن جي تڪليف ده حياتيءَ کان پوءِ 30 جنوري 1990ع تي وفات ڪري ويو. کيس طارق روڊ ڪراچي وٽ واقع پِي. اِي. سي. ايڇ ايس قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.04.12  عيسوي

بدر قريشي:شاعر بدرالدين ” بدر “ ولد اميربخش ” امير “ قريشي 12 اپريل 1941ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو .


1990.01.30  عيسوي

بدر قريشي:شاعر بدرالدين ” بدر “ ولد اميربخش ” امير “ قريشي 30 جنوري 1990ع تي وفات ڪري ويو . کيس طارق روڊ ڪراچي وٽ واقع پِي . اِي . سي . ايڇ ايس قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله شرر
پريل سومرو
ڀوپالي محسن
الطاف حسين حالي
پلي مل محمود
ساحر راهو
پرويز سجاد حيدر
رمضان ڪنڀر
روشن تبسم
انعام ٽکڙائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون