بدر سومرو

بدر سومرو

بدر سومرو

بدر سومرو، ڊاڪٽر: ليکڪ، ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ سماج سڌارڪ پروفيسر بدر سومرو 13 جنوري 1958ع تي ڳوٺ ڳاڙهي موري، تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن فائن آرٽس ۾ ڊپلوما ۽ صحافت ۾ ايم. اي ۽ پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي. هن ايم. اي جو مونوگراف، ”نئين سنڌ اخبار جي جدوجھد، حصيداري ۽ ترقي پسندانه صحافت لاءِ ان جون خدمتون“ جي عنوان سان لکيو. انساني حقن جي تنظيمن سان سندس گهڻي وابستگي رهي آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو باني ميمبر، 1990ع کان ان جي ڪائونسل جو ميمبر ۽ ان جي تحقيقاتي مشن جو ڪيترن ئي موقعن تي سهڪاري رهيو. بين الاقوامي انساني حقن جي تنظيمن جھڙوڪ: ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائيٽس واچ، ريڊ ڪراس انٽرنيشنل ۽ سائوٿ ايشيا هيومن رائيٽس ڪميشن جو ميمبر ۽ سهڪاري رهيو آهي. بين الاقوامي طور اليڪشن ڪميشن جي ڪم جو مشاهدو ۽ نگراني ڪري، ان جون رپورٽون پاڪستان، اقوام متحده ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن ڏانھن موڪليندو رهيو آهي. سندس ڇپيل تصنيفن ۾ ”ندامت“ (ڪھاڻيون 1990ع)، ”ڪراچيءَ جو ڇا ٿيندو؟“ (1994ع)، ”سنڌ ۾ ٻيو ڇا ٿيندو؟“ (تحقيقي رپورٽ 1994ع). ”انساني حقن جو پڌرنامو“ (ترجمو: 1990ع)، سنڌ انڪوائري (انساني حقن جي ڪميٽين جي تحقيقي رپورٽ 1990ع) شامل آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي چيئرمئن طور رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪري، ’ميڊيا فريڊم‘ جي نالي سان يوٽيوب چينل هلائڻ سان گڏ، ڊجيٽل ميڊيا تي ڪم ڪري رهيو آهي. خاص طور: سنڌ ۾ ’ملنگ ڪلچر‘ ۽ درگاهن تي وڊيو گرافي، فوٽو گرافي، شارٽ فلم ۽ ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻ جي ڪم ۾ مصروف آهي.


لفظ بدر سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.13  عيسوي

ليکڪ، ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ سماج سڌارڪ پروفيسر بدر سومرو 13 جنوري 1958ع تي ڳوٺ ڳاڙهي موري، تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير مراد علي خان ٽالپرعلي
خير محمد ڏاهري
باگو فقير
تلسي ناياڻي
انور ابڙو
ڀڳت کيمچند آسناڻي
عبدالله جروار
ٽي ايڇ وني ڪرم
برهم گپت
ڀٽو صنم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون