بدر سميجو

بدر سميجو

بدر سميجو

بدر سميجو: نوجوان ليکڪ ۽ سياسي سماجي اڳواڻ، بدر سميجو 2 جولاءِ 1971ع تي پني عاقل ۾ پئدا ٿيو. سندس والد علي محمد خان سميجو زمينداري ڪِرت سان وابسته آهي. بدر سميجي 1997ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ۽ 2003ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪئي. شروع کان ئي کيس ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب سان دلچسپي رهي.سندس لکيل ڊراما پڻ سنڌي ۽ اردو چئنلن تان نشر ٿيا آهن. جن ۾ ’هم ٽي وي‘ تان ’هزار داستان ‘ جي سري هيٺ سولو پلي مشهور رهيا. ان کان علاوه سنڌ ٽي وي تان سندن ميزباني ۾ ’دي ليجنڊ‘ پروگرام پڻ نشر ٿيو. جنهن ۾ هن سنڌ جي اهم شخصيتن جا انٽرويو ڪيا. ادب ۽ سياست جا موضوع سندس پسند ۾ شامل آهن. ان کان علاوه مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو آهي. 2009ع ۾ سندس ڪتاب ”بين الاقوامي سياست ۾ امن جو سوال“ ڇپجي پڌرو ٿيو. سياسي حوالي سان سندس تعلق پيپلز پارٽيءَ سان آهي. 2011ع ۾ IVLP پروگرام تحت آمريڪا ويو ۽ اُتان جي مختلف علائقن ۽ ادارن جو دؤرو ڪيو. 2012ع ۾ سانا (SANA) ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيو جرسي (آمريڪا) ويو. سوشل ميڊيا ۽ مين اسٽريم ميڊيا تي مختلف موضوعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو رهي ٿو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ حصو ورتو پر ڪامياب نه ٿيو. هن وقت ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهي. سندس رهائش پني عاقل ۾ آهي.


لفظ بدر سميجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.07.02  عيسوي

نوجوان ليکڪ ، سماجي اڳواڻ ۽ پ پ اڳواڻ ، بدر سميجو 2 جولاءِ 1971ع تي پني عاقل ۾ پئدا ٿيو . سندس والد علي محمد خان سميجو زمينداري ڪِرت سان وابسته آهي


  عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاڪم علي شاهه بخاري
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
ابن مسڪويه
پير نظام الدين سرهندي
ابن صفي
علياڻي بهادر خان
استاد بڙي غلام علي خان
ابن سينا
جلال حجام سنڌي شيخ
پير بخش فاروقي،دلريش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون