ڊاڪٽر بدر الدين اڄڻ

ڊاڪٽر بدر الدين اڄڻ

بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر

بدر الدين اُڄڻ، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر بدر الدين اُڄڻ پهرين اپريل 1947ع تي پير بخش اڄڻ جي گهر، شڪارپور ۾ جنم ورتو. بدرالدين اڄڻ پرائمري ۽ ثانوي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. 1962ع ۾ مئٽرڪ، 1967ع ۾ بي ايس سي ۽ 1969ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1973ع ۾ ايل. ايل بي ۽ 1977ع ۾ ”بين الاقوامي تعلقات “۾ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1973ع ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. 1977ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نگرانيءَ ۾ ”سنڌي ۽ انگريزي ادب جي تنقيدنگاري جو تقابلي جائزو“ جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ ڊي ڪيائين. 1981ع ۾ سي ايس ايس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي اهم انتظامي عهدن تي فائز رهيو. آخر ۾ تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدي تان 2007ع ۾ رٽائر ٿيو. هو مختلف تنظيمن جو عهديدار رهيو آهي، جن ۾: ليڪچرر ايسوسيئيشن، سگا، مهراڻ ليڪچررس ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن. هن وقت انجمن ترقي پسند مصنفين جو جنرل سيڪريٽري آهي. رٽائرمينٽ کانپوءِ هو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ڪراچيءَ جي هڪ خانگي يونيورسٽي BIZTEK ۾ رجسٽرار رهيو. لياري يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. هن وقت شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر HRM ۽ انگريزي شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس ڪيترائي مقالا پڻ شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾”ٽي ايس ايليٽ“، ”زان پال سارتر“، ”روسي ادب“، فيض-گهڻ پاسائين شخصيت“، ”ايلس ٽو فيض“، ”سنڌي ادب جو تنقيدي جائزو“، ”مڌوبالا“، ”وجوديت واد ۽ انسان دوستي“ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.04.01  عيسوي

بدرالدين اُڄڻ ، ڊاڪٽر: بدرالدين اُڄڻ پهرين اپريل 1947ع تي پير بخش اڄڻ جي گهر ، شڪارپور ۾ جنم ورتو . سندس خاندان سنڌ جي فقيراڻي قبيلي سان لاڳاپو رکي ٿو ، جنهن وڏي عرصي کان وٺي سنڌ جي روحاني خدمت ڪئي آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرِيڊي ايڇ ڊبليو
رکل داس بينرجي
شفيع اوڪاڙوي مولانا
جونپوري سيد محمد
راڻو چندن
امين محمد اول هالائي مخدوم
ڀائي ڪنيا
عثمان صديقي مخدوم
پريتم ڀڳت
ٻلديو گاجرا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون