داخلا نمبر 457
عنوان بخشڻ مهراڻوي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1563 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
بخشڻ مهراڻوي

بخشڻ مهراڻوي

بخشڻ مهراڻوي

بخشڻ مهراڻوي

بخشڻ مهراڻوي

بخشڻ مهراڻوي: شاعر ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي، 18 آڪٽوبر 1964ع تي سانگهڙ ۾ فقير محمد رحيم مهر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو محمد بخش آهي، پر ادبي دنيا ۾ بخشڻ مهراڻويءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان بي. ايس سي ڪيل اٿس. گذريل 14- 15 سالن کان ريڊئي، ٽي. وي، اسٽيج ۽ سيٽلائيٽ چئنلن جي ڪيترين ئي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪندو رهندو آهي. هو هڪ سُٺي شاعر هئڻ سان گڏ سريلو گائڪ به آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ سانگهڙ جو ڪافي سال سيڪريٽري رهي چڪو آهي. کيس ڪيترائي اَوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: بهترين صداڪار جو قليچ بيگ اوارڊ، بهترين ڪمپئر جو لاڙ عوامي اوارڊ، سچل اوارڊ، لطيف اوارڊ، سگهڙ ڪانفرنس اوارڊ، بهترين شاعر جو يوٿ اوارڊ (1989) ۽ ٻيا شامل آهن. هن سانگهڙ ۾ ڪيترائي اهم ادبي پروگرام ڪرايا، جن مان (1) لطيف ميڙ، (2) رنگ رتي سانجهه: نوجوان شاعرن جون تاريخي مشاعرو (3) سانگهڙ سيمينار 1992ع تمام اهم آهن. بخشڻ مهراڻويءَ مختلف رڪارڊنگ ڪمپنين طرفان سنڌي فنڪارن جي جاري ٿيل ڪيترين ڪئسٽن ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي آهي. بخشڻ نظم، آزاد نظم ۽ غزل جو سٺو شاعر آهي. ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي چئنلن تي مختلف پروگرامن جو آرگنائيزر ۽ ڊائريڪٽر به رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.10.18  عيسوي

بخشڻ مهراڻوي: شاعر ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي ، 18 آڪٽوبر 1964ع تي سانگهڙ ۾ فقير محمد رحيم مهر جي گهر ۾ جنم ورتو . سندس اصل نالو محمد بخش آهي ، پر ادبي دنيا ۾ بخشڻ مهراڻويءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون