داخلا ؛ 421
پڙهيو ويو ؛ 2561
پسند ڪيو ويو ؛ 5
تاريخ ؛ 2011-12-30


تصويرون




ٽائيم لائين

1930.00.00-A.D
1930ع ۾ سائين جي . ايم . سيد ، ڄيٺمل پرسرام ، جمشيد نسروانجي ، پروفيسر گوڪلي ، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو هو

1949.06.20-A.D
بختاور شهيد، . هن تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 20 جون 1949ع تي جُهڏي ( موجوده ضلعي ميرپورخاص ) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي ، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو . سنڌ جي سورهيه مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا . پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي لاشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا .

1949.06.22-A.D
شهيد بختاور؛ ڪانفرنس جي آخري ڏينهن ، 22 جون 1949ع تي خبر آئي ته ٽالهي شهر لڳ ، هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ پنجابي زميندارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو . ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ساٿين سان گڏ ، 23 جون تي صبح جو سوير لاشارين جي ڳوٺ پهچي ويو . ساڻس ٻين کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر به گڏ هئا . هنن اَن جي کري تي شهيد بختاور لاشاريءَ جو لاش وڃي ڏٺو




sindhianaسنڌيانا--بختاور شهيد

ٽائيٽل ؛ بختاور شهيد


شاخ : شخصيت

بختاور شهيد: سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي ’بختاور‘، ذات جي لاشاري هئي ۽ تعلقي عمرڪوت جي هڪ ننڍڙي شهر ”ٽالهيءَ“ جي ڀر ۾ ’هئدي لاشاريءَ‘ جي ڳوٺ ۾ -جنم- ورتو هئائين. اهو ڳوٺ قاديانين جي اسٽيٽ جو حصو هو، -جن- کي اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ چاليهه هزار ايڪڙن تي مشتمل -جاگير- هئي، جيڪا ’احمدي اسٽيٽ‘ جي نالي سان سڏي ويندي آهي. هنن کي اها جاگير، -انگريز- سرڪار، 1914ع ۾ ڪعبي تي گوليون هلائيندڙ ۽ -انگريزي- فوج ۾ ڀرتي ٿيل پنجابي فوجين جي اُتي مارجي وڃڻ تي -انعام- طور عطا ڪئي هئي.
مائي بختاور جي شهادت جو پسمنظر هن ريت آهي ته 1930ع ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام، جمشيد نسروانجي، پروفيسر گوڪلي، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو هو. -ان- جي ڪم کان متاثر ٿي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جڏهن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي ملازمت ڇڏي، سنڌ جي هارين لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته اُن هاري تحريڪ جو هڪ اهم مطالبو اهو هو ته هارين کي بٽئيءَ جو اڌ حصو ڏنو وڃي. اڌو اڌ بٽئيءَ جي مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ سڀ کان پهريائين نوابشاهه ۾ تحريڪ هلي، جنهن ۾ ڊاڪٽر هاسارام، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد لاکي (سڪرنڊ واري)، -بالاچ- خان بروهيءَ، مولوي محمد معاذ ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو ۽ هنن تحريڪ کي زور وٺايو، هارين زميندارن کان اڌ بٽئيءَ جو حق گهريو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ پنهنجي سگهه ۽ -ٻل- تي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءَ تحريڪ پوريءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي. ٻين ضلعن وانگر هن تحريڪ جو ٿرپارڪر ضلعي تي به اثر پيو. ٿرپارڪر ۾ هن تحريڪ ۾ جان محمد پلي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، پير عبدالغفور جان سرهندي، محمد ابراهيم مومن ڪُنريءَ واري، ڪامريڊ امولک -اوڏ- ۽ ٻين ڪيترن هاري ورڪرن حصو ورتو. هن تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 20 جون 1949ع تي جُهڏي (موجوده ضلعي ميرپورخاص) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو. سنڌ جي سورهيه مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا. پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي لاشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن، 22 جون 1949ع تي خبر آئي ته -ٽالهي- شهر لڳ، هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ پنجابي زميندارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدربخش -جتوئي- ساٿين سان گڏ، 23 جون تي صبح جو سوير لاشارين جي ڳوٺ پهچي ويو. ساڻس ٻين کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ميرمحمد -ٽالپر- به گڏ هئا. هنن اَن جي کري تي شهيد بختاور لاشاريءَ جو لاش وڃي ڏٺو. اتي کين خبر پئي ته کري تي اٽڪل ٽي هزار مڻ ڪڻڪ هئي. ڳوٺ جا سمورا مرد ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا ۽ پنجابي زميندارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مائي بختاور ۽ هڪ پيرسن پنيي فقير ۽ ٻين عورتن هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. مائي بختاور لوهي ٽيانگ کڻي کين للڪار ڪئي ته ”هٽي پري ٿيو، اَنَ جو ڪڻو به کڻڻ نه ڏينديس“. مائي بختاور جو مزاحمتي انداز ڏسي زميندارن کي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ظالم چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد، مائي بختاور تي -بندوق- جا سڌا فائر ڪيا ۽ نتيجي طور مائي بختاور اَن جي ديرن جو بچاءُ ڪندي شهيد ٿي وئي ۽ پير مرد پنيو فقير زخمي ٿي پيو، جنهن جي ڄمار سٺ ورهين کان مٿي هئي. ڪُنري ٿاڻي جو صوبيدار عنايت علي خان ابڙو ۽ ڊي -ايس- پي ديوان تلجارام پهچي چڪا هئا، هنن ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيس لکيو. ڪجهه ورڪر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي حڪم تي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ساماري کڻائي ويا، -جتي- گهڻي وقت گذري وڃڻ ڪري مائي بختاور کي آخر دفن ڪيو ويو. سندس -تربت- ساماري جي هڪ مقام ۾ واقع آهي. ڪيس ٿرپارڪر سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ هليو. ڪيس جي پيروي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي طرفان وڪيل ديوان انبارام ڪئي. سرڪاري وڪيل خان -بهادر- مرزا سڪندر بيگ هو، جنهن کي -ان- وقت جي سنڌ جي وزير داخلا، قاضي فضل -الله- خاص حيدرآباد کان اُماڻيو هو، اُن پڻ فريادي ڌُر (مائي بختاور واري ڌر) جي مدد ڪئي، جڏهن ته جوابدارن جي پيروي ديوان ڏيئل مل ۽ لاهور مان گهرايل هڪ بئريسٽر ڪئي. -ان- وقت سيشن جج شنڪر سنگهه -آڏواڻي- هو. هن صاحب حق جو فيصلو ڏنو ۽ چوڌري سعدالله (جيڪو اُن وقت جي -پاڪستان- جي وزير خارجه سر ظفرالله خان جو ڀاڻيجو هو) کي 25 ۽ چوڌري خالد کي 20 سال ٽيپ ڏني، جڏهن ته ٻين مجرمن کي پنجن کان ڏهن ورهين تائين سزائون ڏنائين. ٻيا ته اپيلن مان آزاد ٿي ويا، ليڪن چوڌري سعدالله 25 سال ٽيپ برابر ڪاٽي.
اهڙيءَ طرح سنڌ جي هاري جدوجهد ۽ شهيد بختاور سنڌ جي غريب عوام کي سبق ڏنو ته پنهنجي حق لاءِ جان ڏئي سگهجي ٿي، پر پنهنجو حق نه ٿو ڇڏي سگهجي. مائي -بختاور شهيد- جي ريٽي رت جي قرباني سنڌ جي -تاريخ- ۾ صدين تائين لازوال رهندي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بختاور شهيد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بختاور شهيد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن