داخلا ؛ 402
پڙهيو ويو ؛ 822
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2011-12-28


تصويرون


bahrain flag wallpapersnova.com.jpg
بحرين جو جھنڊو
بحرين جو جھنڊو

bahrain wikipedia.jpg
بحرين جو نقشو
بحرين جو نقشو

bahrain-google-earth.jpg
بحرين جو نقشو گگل ارٿ تي
بحرين جو نقشو گگل ارٿ تي

bahrain wikipedia2.jpg
بحرين جو هڪ عوامي احتجاج
بحرين جو هڪ عوامي احتجاج

bahrain southtravels.com.jpg
بحرين جون گھمڻ لائق جڳهون
بحرين جون گھمڻ لائق جڳهون



ٽائيم لائين

2000.00.00-B.C
بحرين: ايراني نار ( Arabian Gulf ) جو هيءُ آزاد ملڪ ، هيءُ ملڪ عيسوي سال کان 2000 سال اڳ واپار جو وڏو مرڪز هو

1861.00.00-A.D
. بحرين: ايراني نار ( Arabian Gulf ) جو هيءُ آزاد ملڪ هن ملڪ جو 1861ع ۾ برطانيا سان دفاعي معاهدو ٿيو . 1971ع ۾ آزادي حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ پارلياماني نظام قائم ڪيو ويو .

1971.08.15-A.D
. بحرين: ايراني نار ( Arabian Gulf ) جو هيءُ آزاد ملڪ هن ملڪ جو 1861ع ۾ برطانيا سان دفاعي معاهدو ٿيو . 1971ع - 15-August -1971 ۾ آزادي حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ پارلياماني نظام قائم ڪيو ويو .

1973.00.00-A.D
. بحرين: ايراني نار ( Arabian Gulf ) جو هيءُ آزاد ملڪ هن ملڪ جو 1861ع ۾ برطانيا سان دفاعي معاهدو ٿيو . 1971ع ۾ آزادي حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ پارلياماني نظام قائم ڪيو ويو .




sindhianaسنڌيانا--بحرين

ٽائيٽل ؛ بحرين


شاخ : ملڪ

بحرين: ايراني نار (Arabian Gulf) جو هيءُ آزاد ملڪ، سعودي عرب ۽ قطر جي وچ تي واقع آهي. سرڪاري نالو ”اسٽيٽ آف بحرين“ اٿس. هن ملڪ جي پکيڙ 678 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ -ان- جي گاديءَ جو هنڌ ”مناما“ (Manama) آهي. سرڪاري -ٻولي- عربي ۽ سڪو ”دينار“ سڏجي ٿو. هتي جو مذهب -اسلام- آهي. هن ٻيٽ جي ڊيگهه 48 ڪ. م (30 ميل) ۽ ويڪر 16 ڪ. م (10 ميل) آهي. هتي جو اوچو -جبل- ”دخان“ آهي، جنهن جي اوچائي 135 ميٽر آهي. آب وهوا ٿڌي، ڊسمبر ۽ مارچ مهينن ۾ مينهن پوي ٿو، جڏهن ته سراسري گرميءَ جو پد 19 درجا آهي. هيءُ ملڪ عيسوي سال کان 2000 سال اڳ واپار جو وڏو مرڪز هو. 18 صدي عيسويءَ ۾ خليفي خاندان جي قبضي هيٺ رهيو. هن ملڪ جو 1861ع ۾ -برطانيا- سان دفاعي معاهدو ٿيو. 1971ع ۾ -آزادي- حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ پارلياماني نظام قائم ڪيو ويو. ملڪ جو وڏو سربراهه ”امير“ آهي، جيڪو وزيرن کي مقرر ڪندو آهي؛ جڏهن ته سمورن وزيرن جو سربراهه وزيراعظم هوندو آهي. هيءُ ملڪ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. هتي -تيل- جا وڏا ذخيرا، قدرتي گئس، چن جو -پٿر- ۽ جپسم وڏي تعداد ۾ ملي ٿو. -ان- کان سواءِ هتي -تيل- صاف ڪرڻ ۽ جهازن جي مرمت جا ڪارخانا پڻ آهن. هن وقت -بحرين- -تيل- جي واپار، بئنڪنگ ۽ تجارت جو وڏو مرڪز آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بحرين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بحرين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ملڪ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باگڙ ديس
بحرين
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
بيلجيم
بنگال
بنگلاديش
آرمينيا
آسٽريا
آسٽريليا
انڊونيشيا
آمريڪا
آئرلينڊ
اسپين
اتر ڪوريا
اٽلي
بازنطيني سلطنت
برازيل
برونئي
بوٽسوانا
ڀارت
تنزانيا
ترڪمانستان
ترڪي
ڀوٽان
تاجڪستان
تائيوان
ٽوگو
تيونس
تبت
ٿائي لينڊ
ٿٻيٽ
فارس
پاڪستان
جپان
جرمني
پاناما


.....ملڪ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن