داخلا نمبر 357
عنوان بجار خان ڊومبڪي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1072 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون

بجار خان ڊومبڪي

بجار خان ڊومبڪي: بجار خان ڊومبڪي اصل ۾ قلات جي هڪ حصي ”ڪڇيءَ“ جي بلوچ خاندان مان هو. شروع ۾ هو خانه بدوش ٿي رهيو، پر پوءِ ضلعي دادوءَ جي ڦلجيءَ ۾ اچي آباد ٿيو. هتان ئي هن فوجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. سنڌ کي انگريزن جي قبضي کان بچائڻ خاطر گوريلا جنگ ڪيائين. سندس هٿ هيٺ خاصي تعداد ۾ بلوچ فوج هئي، جنهن سان گڏجي هو وڙهندو رهيو. کيس انگريز سرڪار طرفان ڪيتريون ئي آڇون ڪيون ويون، پر هي بهادر انسان نه مڙيو. نيٺ مجبور ٿي انگريزن، ڪيهرن ۽ کوسن جي مدد سان ڦلجيءَ تي حملو ڪيو ۽ درياهه خان جکراڻيءَ سان گڏ هيءُ مجاهد به گرفتار ٿيو. 1870ع ۾ انگريز فوج کي افغانستان جي محاذ تي شڪست ملي ۽ بجار خان آزاد ٿيو. هو 1872ع کان 1875ع تائين ڪڇيءَ جو بي تاج بادشاهه ٿي رهيو. 13 جنوري 1875ع تي سر وليم ميري ويدر، مير علي مراد خان جي مدد سان، بجار خان سان وڙهيو، جنهنڪري 17 جون 1875ع تي هو گرفتار ٿيو ۽ نيٺ جيل ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1870.00.00  عيسوي

بجار خان ڊومبڪي 1870ع ۾ انگريز فوج کي افغانستان جي محاذ تي شڪست ملي ۽ بجار خان آزاد ٿيو .


1875.01.13  عيسوي

13 جنوري 1875ع تي سر وليم ميري ويدر ، مير علي مراد خان جي مدد سان ، بجار خان سان وڙهيو ، جنهنڪري 17 جون 1875ع تي هو گرفتار ٿيو ۽ نيٺ جيل ۾ وفات ڪيائين .


1875.06.17  عيسوي

13 جنوري 1875ع تي سر وليم ميري ويدر ، مير علي مراد خان جي مدد سان ، بجار خان سان وڙهيو ، جنهنڪري 17 جون 1875ع تي هو گرفتار ٿيو ۽ نيٺ جيل ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون