نقشي ۾ باڊهه شهر تير جي نشان سان ڏيکاريل آهي

نقشي ۾ باڊهه شهر تير جي نشان سان ڏيکاريل آهي

باڊهه

باڊهه: لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جو مشهور شهر، ڪوٽڙيءَ کان ڪوئيٽا ويندڙ ريلوي لائين تي هڪ اسٽيشن، واپار جي منڊي، خاص ڪري چانورن جي خريداريءَ جو مشهور مرڪز آهي. هتي هر سال شعبان جي مهيني ۾ پير تقي شاهه جيلانيءَ جو ميلو لڳندو آهي، جنهنڪري شهر جي ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيندو آهي. باڊهه شهر لاڙڪاڻي، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعن جي ٻن تعلقن ڏوڪريءَ ۽ وارهه جي سرحد تي آهي، ان کانسواءِ هيءُ شهر لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي ميل واريءَ جاءِ تي پڻ آهي.


لفظ باڊههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو