داخلا نمبر 260
عنوان بالميڪي/والميڪي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 2008 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون، تصويرون گگل، وڪي پيڊيا
بالميڪي/والميڪي

بالميڪي/والميڪي

بالميڪي/والميڪي رامائڻ لکندي

بالميڪي/والميڪي رامائڻ لکندي

بالميڪي/والميڪي

بالميڪي/والميڪي: مهارشي بالميڪي/ والميڪي هندومت جي سڀ کان وڏي ادبي تخليق ’رامائڻ‘ جو رچناڪار آهي. هن کي ’آدي ڪوي‘ يعني ’پهريون شاعر‘ هئڻ جو رتبو حاصل آهي. سندس ’رامائڻ‘، سنسڪرت ۾ لکيل آهي. بالميڪيءَ جو اصل نالو ’رتناڪر‘ هو ۽ هُو ترتيا يُگ ۾ گنگا نديءَ جي ڪناري هڪ گهاٽي جهنگ ۾ پنهنجي پيءُ سان رهندو هو. سندس پيءُ ’پراچتسه‘ هڪ تپسوي هو، جيڪو ٻين سنياسين وانگر ٻيلي ۾ رهندو هو. رتناڪر ننڍي هوندي جهنگ ۾ گم ٿي ويو ۽ ڪنهن شڪاريءَ کي مليو، جنهن هن کي پٽ ڪري پاليو ۽ شڪار ۾ ڀڙ ڪري ڇڏيو. ائين هو جانورن ۽ پکين لاءِ موت جو ديوتا ٿي ويو. شادي ٿيس، ٻار ٿيس، روزگار جو مسئلو ٿيو ته رهزنيءَ تي لهي آيو، ڪجهه خون به ڪيائين. هڪ ڏينهن هو رهزنيءَ جي خيال کان گهات هنيو ويٺو هو ته ديو رشي نارد پنهنجي وِيڻا (بين) وڄائيندو لنگهيو. بالميڪي هن کي هڪل ڪئي ۽ ڏنڊو اُلاري بيهي رهيو ته ”جيڪي اٿئي ٻاهر ڪڍ، نه ته مٿو ڦاڙي ڇڏيندوسانءِ“. نارد تمام ٿڌائيءَ ۽ سُڪون سان کيس چيو ”مون وٽ ته هن پراڻي ويڻا ۽ ڦاٽل گودڙيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، تون ڀلي اهي کڻ، انهن جي ڪري تون منهنجو مٿو ڇو ٿو ڦاڙين؟
نارد جي سڪون ۽ لفظن، رتناڪر جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري ڇڏي.
”... ۽ تون هي پاپ جو ڪم ڇو ٿو ڪرين، جنهن جو بار نه تنهنجا ماءُ پيءُ کڻندا ۽ نه وري زال ۽ ٻار... توکي هن پاپ جي سزا اڪيلي سر ڀوڳڻي پوندي!“ نارد چيو هو. رتناڪر کي اعتبار نه آيو ۽ وڃي ماءُ، پيءُ ۽ زال ٻارن کان پڇيائين. انهن به کيس ائين چيو ته تنهنجي پاپ ۾ اسان شريڪ نه آهيون، اسان لاءِ کاڌو آڻڻ تنهنجي ذميواري آهي. ان واقعي کانپوءِ نارد مُنيءَ، ’رتناڪر کي ’رام نام‘ جو جپ ڏنو، جيڪو هُن ڪيئي سال ويهي ڪيو. ان تپسيا دوران هن مٿان ماڪوڙين جي ٻِرن مان نڪتل مٽيءَ جو دڙو ٺهي ويو.
بالميڪي يا ’والميڪي‘ جي معنيٰ آهي ”ماڪوڙين جي گهر ۾ ڄاول“. هڪ ڏينهن نارد اچي کيس ماڪوڙين جي اُن گهر مان ڪڍيو. ۽ ان ريت مٿس اهو نالو پئجي ويو. ايوڌيا پهچڻ کان پوءِ جڏهن شري رام، سيتا ديويءَ کي تياڳڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن کي جهنگ ۾ بي يارومددگار ڇڏي ويو، تڏهن هوءَ ’بالميڪي آشرم‘ ۾ وڃي پهتي، جتي هن رام جي ٻن پٽن ’لَو‘ ۽ ’ڪُش‘ کي جنم ڏنو. ٻنهي ٻارن جي مڪمل تربيت رشي والميڪيءَ ڪئي ۽ رامائڻ جي رچنا ڪري، اها لَو ۽ ڪُش کي ياد ڪرايائين. هندو ڏند ڪٿا مطابق رامائڻ جي رچنا ۾ استعمال ٿيل ڇند هڪ اهڙي سِٽ تي ٻڌل آهي، جيڪا والميڪيءَ هڪ شڪاريءَ کي پاراتي ۾ چئي، ”جهڙي طرح تو هن خوش باش پکين جي جوڙيءَ مان نَر کي ماريو آهي، شال تون به مري پوين!“ چيو وڃي ٿو ته اهو سلوڪ برهما جي طرفان آيو ۽ ان ئي ڇند تي رامائڻ رچي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو