ڪامريڊ باقر سنائي

ڪامريڊ باقر سنائي

باقر سنائي

باقر سنائي: ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو. هن 1922ع ڌاري ڳوٺ گائنچا وڏا (سن شهر کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف درياهه جي ڪپ تي آباد) ۾ هڪ غريب هاري لال بخش گائنچي جي گهر ۾ جنم ورتو. 1928ع ۾ سندس پيءُ کيس ڦرهيءَ تي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ٻه درجا مس پڙهيو ته ڳوٺ جو وڏيرو فضل محمد، اسڪول جي استاد مولچند سان نه ٺهيو ۽ اڻبڻت سبب استاد تنگ ٿي پنهنجي ڳوٺ هليو ويو ۽ وري نه موٽيو. ائين ڳوٺ جو اهو اسڪول وري نه کليو. باقر ٻئي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃڻ جي سگهه ساري نه سگهيو ۽ پيءُ سان هارپي ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. ڪجهه عرصي بعد هو لڏي اچي ڪلري ڳوٺ ۾ ويٺو، جتي سندس پيءُ گذاري ويو. ڪجهه عرصو ريلوي ۾ نوڪري ڪيائين. تن ڏينهن ۾ سندس ملاقات سائين عنايت الله ’ڌمچر‘ سان ٿي. ماستر عنايت الله روزانو سائين جي. ايم. سيد وٽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ سن ويندو هو ته باقر به ساڻس گڏ هوندو هو. جي. ايم. سيد ماستر عنايت الله گائنچي کي چيو ته ڇوڪر کي شاهه جو رسالو پڙهاءِ ۽ ائين چئي هن شاهه جو رسالو باقر کي ڏنو. سائين عنايت پِيرن، تعليم ۽ ٻين معاملن تي بيت ٺاهي ڏيندو هو، جيڪي ٽوليون ٺاهي ڳوٺ جي گهٽين ۽ چوڪن تي ڳائيندا هئا. باقر سنائيءَ علائقي ۾ پير پرستي ۽ توهم پرستيءَ خلاف عملي جدوجهد ڪئي. ڳوٺ ۾ سائين عنايت سان گڏجي حفاظتي ڪميٽي ٺاهيائين، جنهن هارين کان بيگر وٺڻ خلاف مهم شروع ڪئي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ عزيز سلام بخاري به سندس ڳوٺ ۾ ايندو هو. 1956ع ۾ نواب شاه ۾ هڪ پرنٽنگ پريس ۾ ڪمپازيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو. ائين سندس ناتو باضابطه ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ٿيو ۽ ائين پارٽيءَ جو ڪُل وقتي ڪارڪن بڻيو. باقر سنائي الاٽي هاري تحريڪ ۽ چمبڙ هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ان کان علاوه نواب شاه، ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي جي علائقي ۾ به هارين لاءِ گهڻو ڪم ڪيائين. جڏهن پارٽي نظرياتي اختلافن سبب روس نواز ۽ چين نواز گروپن ۾ ورهائجي ويئي ته هن سلام بخاري'>ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، احسان عظيم ۽ ٻين ساٿين سان گڏ چين نواز لائين اختيار ڪئي، سندس پهرين دور جي ساٿين ۾ ڄام ساقي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪامريڊ شامل هئا.ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو باقر سنائي 4 ڊسمبر 2000ع ۾ سن ويجھو ڳوٺ ڪلريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس انقلابي شاعري ان دور ۾ گهڻو مقبول هئي، جنهن کي هو جلسن ۽ ڪچهرين ۾ سُر سان جهونگاريندو هو. ۽ ڪيترائي دوست مختلف هارين جي پروگرامن ۽ اها شاعري ڳائيندا به هئا. وفات بعد سندس دوستن هن جي زندگيءَ بابت ”جن ٻاري'>ٻري جن ٻاري“ ڪتاب ڇپايو. (ڏسو: جن ٻاري'>ٻري جن ٻاري).


لفظ باقر سنائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.00.00  عيسوي

باقر سنائي: ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو . هن 1922ع ڌاري ڳوٺ گائنچا وڏا ( سن شهر کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف درياهه جي ڪپ تي آباد ) ۾ هڪ غريب هاري لال بخش گائنچي جي گهر ۾ جنم ورتو


2000.12.04  عيسوي

ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو باقر سنائي 4 ڊسمبر 2000ع ۾ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي سيد بلال شاهه
حمورابي
پير رڪن الدين سخي
ڄام تماچي انڙ
ابن ابي اصيبه
جامي چانڊيو
امداد حسين
راڻي ڪرنا
پير حسن ڪبير الدين رح
اي بي حليم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون