داخلا نمبر 194
عنوان باغي منڊل ڪراچي
شاخ ادارا ۽ تنظيمون
پڙهيو ويو 577 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
شيخ اياز

شيخ اياز

ڪيرت ٻاٻاڻي، sindhisangat.com

ڪيرت ٻاٻاڻي، sindhisangat.com

باغي منڊل ڪراچي

باغي منڊل ڪراچي: ’باغي منڊل‘ جي نالي سان هڪ ادبي ادارو، سنڌي ٻوليءَ جي اديبن، شاعرن، موهن پنجابي، شيخ اياز ۽ ٻين دوستن 1947ع جي ابتدا ۾ فريئر روڊ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو. هن اداري پاران پهريون ڪتاب، شيخ اياز جي ڪهاڻين جو مجموعو ”سفيد وحشي“ جي نالي سان اپريل 1947ع ۾ موهن پنجابيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز جي 65 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي ابتدا ۾ شيخ اياز جو هڪ حقيقت افروز مهاڳ ڏنل آهي. جون 1947ع ۾ ساڳئي اداري پاران شيخ اياز جو ترتيب ڏنل موهن پنجابي، شيخ اياز، امرلعل پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”اسان جي سنڌ“ ڇپايو ويو. ڪتاب ”اسان جي سنڌ“ ۾ شيخ اياز جيڪو فڪري مهاڳ لکيو آهي، ان کي پڙهي، سندس ان وقت جي ادبي، سماجي، اقتصادي ۽ قومي شعور کي داد ڏيڻو پوي ٿو. باغي منڊل جا هي ڪتاب سنڌي ترقي پسند ادب جي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.00.00  عيسوي

باغي منڊل ڪراچي: ’ باغي منڊل ‘ جي نالي سان هڪ ادبي ادارو ، سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ، شاعرن ، موهن پنجابي ، شيخ اياز ۽ ٻين دوستن 1947ع جي ابتدا ۾ فريئر روڊ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو


1947.03.00  عيسوي

’ باغي منڊل ‘ جي نالي سان هڪ ادبي ادارو هن اداري پاران پهريون ڪتاب ، شيخ اياز جي ڪهاڻين جو مجموعو ” سفيد وحشي “ جي نالي سان اپريل 1947ع ۾ موهن پنجابيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو


1947.06.00  عيسوي

جون 1947ع ۾ ساڳئي اداري پاران شيخ اياز جو ترتيب ڏنل موهن پنجابي ، شيخ اياز ، امرلعل پنجواڻي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ” اسان جي سنڌ “ ڇپايو ويو . ڪتاب ” اسان جي سنڌ “ ۾ شيخ اياز جيڪو فڪري مهاڳ لکيو آهي ، ان کي پڙهي ، سندس ان وقت جي ادبي ، سماجي ، اقتصادي ۽ قومي شعور کي داد ڏيڻو پوي ٿو .


  عيسوي



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي منڊل ڪراچي
باقراڻي مدرسو
ٻارھين سنڌي ادبي ڪانفرنس دادو
ٻاويھين سنڌ ادبي ڪانفرنس
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسڪائوٽنگ
اسلامي جمعيت طلبا
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون