داخلا نمبر 152
عنوان بازار ڍنڍ
شاخ جاگرافي
پڙهيو ويو 372 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بازار ڍنڍ

بازار ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ ۾ ملاڪاتيار ويجهو آهي. هي ڍنڍ پيڃاري واهه جي ڪنڌيءَ تي آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو شڪار جھجھو ٿئي ٿو. ان ئي علائقي ۾ هڪ ٻي ڍنڍ راهين پڻ هن جي ويجهو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو