داخلا جي تاريخ 2011-12-10
داخلا نمبر 138
عنوان باري
شاخ جاگرافي
پڙهيو ويو 690 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

باري

باري: تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺ ڄاڻايل 5 ڳوٺ آباد آهن: ’باري1، ’خدابخش پتافي‘، ’عظيم چاچڙ‘، ’حافظ عبدالسميع چاچڙ‘ ۽ ’امام بخش گبول‘. ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ ست ڳوٺ آباد آهن: ’درگاهي جکراڻي’، ’گلاب خان بگٽي‘، ’الهه بخش جکراڻي‘، ’جان محمد جکراڻي‘، ’ٽڪر خان جکراڻي‘، ’وزير خان جکراڻي‘ ۽ ’ٻيلو خان جکراڻي‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو