داخلا نمبر 122
عنوان باراڻِ/ بارَڻِ
شاخ جاگرافي
پڙهيو ويو 161 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

باراڻِ/ بارَڻِ

باراڻِ/ بارَڻِ: سنڌ جي مشهور نئن جو نالو باراڻ / بارڻ، جيڪا کيرٿر جي ڏاکڻين ڇيڙي وٽ موجود ماٿري جي ٻئي پاسي کيرٿر جبل جي ڪڇ ڏئي هڪ ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي آهي، جنهن جي اولهه ۾ ”ڪانڀو“ ۽ ”لڪي“ جبل جا سلسلا آهن. هيءَ نئن ٻنهي سلسلن سان گڏ وهي، ٻولهاڙيءَ وٽ سنڌونديءَ ۾ پوندي آهي. هيءَ نئن ”بارڻ“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ سنڌ جي طويل ۽ تيز ترين نئين مان هڪ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو