داخلا نمبر 86
عنوان بادل جمالي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1274 ڀيرا
داخلا جو حوالو
بادل جمالي

بادل جمالي

بادل جمالي

بادل جمالي: بادل جمالي، ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي اسٽيشن جو سينيئر پروڊيوسر رهي چڪو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ڳوٺ شهزاد جمالي، ضلعي مٽياريءَ ۾، 29 جون 1947ع تي جنم ورتو. پنهنجي ڳوٺ جو پهريون مئٽرڪ پاس، گرئجوئيٽ ۽ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪيل شخص آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. هيءُ پي. ٽي وي ڪراچي اسٽيشن تي 1974ع ڌاري اسڪرپٽ سيڪشن ۾ ڀرتي ٿيو هو ان دوران هن پنهنجي وڌيڪ تعليم خانگي طرح جاري رکي. 1985ع ۾ پي. ٽي. ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ پنهنجيءَ محنت ۽ صلاحيت سان 1989ع ۾ پروڊيوسر ٿيو بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر ٿيو. پي ٽي ويءَ جا سمورا پروگرام، موسيقي، اسٽيج شو، ڊراما، ٻارن جا پروگرام، لانگ پلي، پورٽريٽ ۽ ادبي پروگرام ڪري چڪو آهي. پي. ٽي وي ٽئين چئنل تي ”ادبيات“ جو سنڌي پروگرام به سندس هٿ ۾ هو. هن وقت رٽائر زندگي گذاري رهيو آهي.
بادل جمالي 1975ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ادبي دُنيا ۾ پير پاتو. هن وقت تائين سندس ڪهاڻين جا مجموعا (1) ’پاڙي ناهه پروڙ‘ (1980ع) ۽ (2) ’سنگرام‘ (1987ع) ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعي ’پاڙي ناهه پروڙ‘ تي کيس سگا گولڊ ميڊل به مليو هو. هن چار ڪتاب: (1) ’چار ڪهاڻيڪار، چار نقاد‘ (2) ’چونڊ سنڌي ڪهاڻيون، 1975ع کان 1980ع تائين ۽ منصور پبليڪيشن جا ”ٻه ڪهاڻي نمبر“ (ڪتاب) مرتب ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.06.29  عيسوي

پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي اسٽيشن جو سينيئر پروڊيوسر ۽ منفرد ڪهاڻيڪار بادل جمالي، ڳوٺ شهزاد جمالي ، ضلعي مٽياريءَ ۾ ، 29 جون 1947ع تي جنم ورتو


  عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون