داخلا نمبر 36
عنوان بابل
شاخ جاگرافي
پڙهيو ويو 1943 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون) &
لنڪ
تصويرون وڪي پيڊيا ۽ گگل
حمورابي بادشاهه جي وقت ۾ بابل شهر جو ڏيک

حمورابي بادشاهه جي وقت ۾ بابل شهر جو ڏيک

بابل شهر ۾ بعد ۾ آيل تبديليءَ جو ڏيک

بابل شهر ۾ بعد ۾ آيل تبديليءَ جو ڏيک

بابل شهر جي هڪ علائقي جو ڏيک

بابل شهر جي هڪ علائقي جو ڏيک

ميسوپوٽاميا يا دو آبو؛ دجلا فرات درياهن جي بيهڪ

ميسوپوٽاميا يا دو آبو؛ دجلا فرات درياهن جي بيهڪ

بابل

بابل: قديم بابل جو نالو ”ڪالديا“ آهي، جنهن جو توريت ۾ ذڪر آهي. شروع ۾ ڏکڻ عراق ۾ فرات ۽ دجله درياهن جي وچ واري علائقي جو نالو هو، پر پوءِ وقت گذرڻ سان عراق جي وڏي حصي کي ”ڪالديا“ چوندا هئا، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”اُر“ (UR) هو. حضرت ابراهيم عليه السلام اتي جو ويٺل هو. هيءُ هڪ قوم جو نالو هو، جيڪا حضرت عيسيٰ کان ٻه هزار ورهيه اڳ شام ملڪ تي حڪمران هئي. اعلامي، قديم ايران جو هڪ صوبو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ صوصه هو، اتان جي رهاڪن ۽ بابل جي رهاڪن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. هن وقت اوائلي تهذيب جا ماهر صوصه (سوسه) کي دنيا جي قديم ترين شهرن ۾ شمار ڪن ٿا. ”بابل“، دجله ۽ فرات جي دوآبي جي قديم سلطنت جو نالو آهي. هي نالو دوآبي، دجله ۽ فرات جي ڏاکڻئي حصي وارين رياستن، ليگاش، اُڪاد، ايرڪ ۽ اُر لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪا ٽي هزار سال ق. م ۾ عروج تي هئي، پر هن مان مراد گهڻو ڪري سامي تهذيب جي ورتي ويندي آهي.
بابل جو بنياد ”سرجون“ وڌو ۽ حمورابيءَ جي دؤر ۾ هن سلطنت جو عروج هو. تقريباً 1800 ق. م ۾ هتي خط ميخيءَ ۾ مختلف علمن، واپار ۽ فنِ تعمير فروغ حاصل ڪيو، پر پوءِ سترهين صديءَ ق. م ۾ خانه بدوش ’ڪاسين‘ (Kassites) جي حملن هن سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو. پوءِ اشوري سلطنت جي اقتدار ۾ اچڻ تي بابل کي ٻيهر عروج نصيب ٿيو. 689 ق. م ۾ سخيرب بغاوت ڪئي، پر 625 ق. م ۾ ينبو پولاسو بابل کي ٻيهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ بخت نصر جي دؤر ۾ بابل انتهائي عروج تي پهچي ويو. پوءِ 538 ق. م ۾ ايرانين سائرس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪيو ته بابل جو زوال شروع ٿي ويو. علم، فن، تهذيب ۽ ٻين حوالن سان بابل جون وڏيون خدمتون آهن. بابل جا ”ٽنگيل باغ“ دنيا جي عظيم عجوبن ۾ شمار ٿين ٿا. بابل ميسپوٽيميا جي علائقي واريءَ تهذيب جو اهم شهر هو، جيڪو چار هزار سال ق. م کان به گهڻو اڳ موجود هو. ميسپوٽيميا (دو آبو= دجله ۽ فرات جي وچ واري سرزمين) هاڻوڪو عراق آهي. 1750 ق. م ۾ بابيلونيا جي حمورابي بادشاهه بابل کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ان وقت بابل دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو. هي شهر فرات درياهه جي ڪناري تي ٻڌل هو. 689 ق. م ۾ اشوري بادشاهه بابل تي حملو ڪري ان کي برباد ڪري ڇڏيو. ان بادشاهه جو نالو سيناچوب هو. 625 ق. م ڌاري بخت نصر ٻئي، بابل کي ٻيهر تعمير ڪرايو. هن شهر کي درياهه تي پُل ٻڌائي، اولهائين ڪناري ڏانهن به شهر کي وڌايو. بابل ۾ هٿرادو اڏيل عجيب باغ هئا. جيڪي ستن عجائبات ۾ شامل آهن. 538 ق. م ۾ ايراني بادشاهه سائرس اعظم بابل تي قبضو ڪيو. 275ع کان بابلي تهذيب جو زوال شروع ٿيو. اڄ رڳو ان جا کنڊر يادگار طور بيٺل آهن. بابل ۾ هڪ تمام ڊگهي مينار جيان عمارت هئي، جنهن کي ”بابل جو برج“ به چيو ويندو هو. ان جي اوچائي 300 فوٽ هئي، جيڪا ستن منزلن تي مشتمل هئي.
بابلي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق رهيو آهي. مثال طور: اُر، ڪيش ۽ تل آسمار جي قديم آثارن مان مليل اُڪر وارن ٺڪرن تي سنڌو دور جي مخصوص جانورن جون شڪليون ملن ٿيون. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي ”خط“ واريون لکتون ڏنل آهن. سُمير ۽ تل آسمار وٽ سارگن بادشاهن جي دور وارن ذخيرن ۾ سنڌو لوڪن جي مخصوص طريقي سان ٺاهيل ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جهڙوڪ نقش ڪيل موتين جا داڻا يا مڻڪا ۽ هڏن تي مخصوص گلڪاريءَ ۽ مٽيءَ وارا ٺڪر جا برتن. حيرت انگيز ۽ دلچسپ شيءِ نرم چيڪي مٽيءَ جي ٺهيل مُهر آهي، جنهن جي پٺ تي لهري ڪپڙي جو نشان يا ٺپو صاف لڳل هو. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي خاص علامتي نشانن جا ڇاپا لڳل آهن. سنڌوءَ جي هڪ قسم جي مهر تي سمير وارن جي مخصوص مخروطي اکرن جي تحرير موجود آهي. ”ميلوها“ کان جيڪي شيون حاصل ڪيون وينديون هيون، جن ۾ سون، عاج، عاج مان ٺهيل گلڪاريءَ واريون شيون، عاج مان تراشيل ميلوها پکي، ڦڻيون، آئينا، دٻليون ۽ سرايون وغيره شامل هيون. تِمر ۽ چُوري جي نالن سان سڃاتل ڪاٺ، جيڪو سنڌ مان ايران يا بابل ڏانهن موڪلبو هو. بابل جي آثارن ۾ سنڌو تهذيب جي هڪ مخصوص شهر جهڙيون ڳالهيون ۽ اتي جي ماڻهن جي تمدن جو هوبهو نقل نظر اچي ٿو. جاين جي اهائي مستطيل بيهڪ، پاڻيءَ جي نيڪال وارين نالين جو ڄار، مقرر نموني جا اوزار ۽ هٿيار، مهرن وارا تعويذ، جن تي سنڌوءَ جي جانورن جون شڪليون ۽ تحريرون اُڪريل آهن. اهي وصفون پڻ هن قديم تهذيب مان ملن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1800.00.00  قبلِ مسيح

بابل جو بنياد ” سرجون “ وڌو ۽ حمورابيءَ جي دؤر ۾ هن سلطنت جو عروج هو . تقريباً 1800 ق . م ۾ هتي خط ميخيءَ ۾ مختلف علمن ، واپار ۽ فنِ تعمير فروغ حاصل ڪيو ، پر پوءِ سترهين صديءَ ق . م ۾ خانه بدوش ’ ڪاسين ‘ ( Kassites ) جي حملن هن سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو .


0538.00.00  قبلِ مسيح

بابل جو زوال: 625 ق . م ۾ ينبو پولاسو بابل کي ٻيهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ بخت نصر جي دؤر ۾ بابل انتهائي عروج تي پهچي ويو . پوءِ 538 ق . م ۾ ايرانين سائرس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪيو ته بابل جو زوال شروع ٿي ويو .


4000.00.00  قبلِ مسيح

بابل ميسپوٽيميا جي علائقي واريءَ تهذيب جو اهم شهر هو ، جيڪو چار هزار سال ق . م کان به گهڻو اڳ موجود هو


1750.00.00  قبلِ مسيح

1750 ق . م ۾ بابيلونيا جي حمورابي بادشاهه بابل کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو . ان وقت بابل دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو . هي شهر فرات درياهه جي ڪناري تي ٻڌل هو . 689 ق . م ۾ اشوري بادشاهه بابل تي حملو ڪري ان کي برباد ڪري ڇڏيو



جاگرافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آباد
آباد (ديهه)
آباد پانچو
آباد پتڻ
آباد جاگير
آباد جبل
آباد ڍنڍ
بابا ٻيٽ
آباد مُهلاڻي
آباد وارو دڙو
جاگرافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون