داخلا نمبر 22
عنوان بابا گرپت صاحب
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 631 ڀيرا
داخلا جو حوالو حوالا: متن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، تصويرون: وڪي پيڊيا، گگل ۽ ٻيون لاڳاپيل ويب سائيٽون توڙي ڪتاب

بابا گرپت صاحب

بابا گرپت، گرونانڪ ديو جي پندرهين پيڙهيءَ مان هو. سندس والد جو نالو سترام هو. هو پنجاب کان سنڌ جي شهر، خيرپورميرس ۾ آيو ۽ شهر جي ٻاهران اچي ديرو دمايائين. ساڻس گڏ ڪيترائي سنت هئا، جن مان هرپرڪاش وڏي مرتبي وارو هو. هر پرڪاش جي وفات کان پوءِ هرڀڄنداس گاديءَ تي ويٺو. هرڀڄنداس 1919ع ۾ وفات ڪئي ۽ پوءِ گاديءَ تي ٻائو جيرامداس ويٺو. هي سڀ بابا گرپت جا سنت سڏبا آهن.

بابا گرپت صاحب، خيرپورميرس ۽ حيدرآباد ۾ وڏيون درٻارون قائم ڪيون، جتي سوين ساڌو، سنت ۽ نانگا اچي رهندا هئا. گرپت صاحب جي درٻارن تي ڪي نشانيون اڃا تائين رکيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ جيرامداس ۽ ٻائو ڪرڻداس، هندستان لڏي ويا. هنن پوءِ پوني ۽ بمبئيءَ ۾ درٻارون قائم ڪيون. ڪرڻداس ڊسمبر 1956ع ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو