داخلا ؛ 18
پڙهيو ويو ؛ 1599
پسند ڪيو ويو ؛ 6
تاريخ ؛ 2011-12-07


تصويرون


baba-farid-ganj-shakar1.jpg
بابا فريد گنج شڪر
بابا فريد گنج شڪر



ٽائيم لائين

1173.00.00-A.D
حضرت فريد الدين مسعود ، جنهن کي عام ۽ خاص ’ بابا فريد گنج شڪر ‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو پاڻ 569هه/1173ع ۾ ملتان ضلعي جي هڪ ڳوٺ چاولي مشائخ ۾ ڄائو

1265.00.00-A.D
حضرت فريد الدين مسعود ، جنهن کي عام ۽ خاص ’ بابا فريد گنج شڪر ‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو اجوڌن ( پاڪ پتڻ ) کي پنهنجي تبليغ ۽ تدريس جو مرڪز بنايائين ۽ اتي سال 664هه /1265ع ۾ وفات ڪيائين . سندس مزار پاڪ پتڻ شريف ۾ آهي . هر سال محرم مهيني جي چوٿين تاريخ تي سندس عرس ٿيندو آهي

0000.01.04-Hijree
حضرت فريد الدين مسعود ، جنهن کي عام ۽ خاص ’ بابا فريد گنج شڪر ‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو اجوڌن ( پاڪ پتڻ ) کي پنهنجي تبليغ ۽ تدريس جو مرڪز بنايائين ۽ اتي سال 664هه /1265ع ۾ وفات ڪيائين . سندس مزار پاڪ پتڻ شريف ۾ آهي . هر سال محرم مهيني جي چوٿين تاريخ تي سندس عرس ٿيندو آهي

-A.D





sindhianaسنڌيانا--بابا فريد مسعود گنج شڪر

ٽائيٽل ؛ بابا فريد مسعود گنج شڪر


شاخ : شخصيت

حضرت فريد الدين مسعود، جنهن کي عام ۽ خاص ’بابا فريد گنج شڪر‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو، برصغير جو ولي ڪامل ۽ وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ 569هه/1173ع ۾ ملتان ضلعي جي هڪ ڳوٺ چاولي مشائخ ۾ ڄائو. سندس والد جمال الدين سليمان ڪامل ولي هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر رضه سان ملي ٿو. ملتان ۾ -تعليم- دوران سندس ملاقات خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ سان ٿي، جنهن جي -بيعت- ڪيائين ۽ پوءِ وڌيڪ -تعليم- لاءِ غزني، بغداد، سيستان، -بدخشان- ۽ قنڌار جو سفر ڪيائين ۽ -ان- دور جي وڏن عالمن کان درس ورتائين. مشهور درويشن علاءُ الدين اولياءُ، شيخ جمال هاشوي ۽ ٻين ڪيترن ئي درويشن سان سندس صحبت رهي. پوءِ اجوڌن (پاڪ پتڻ) کي پنهنجي تبليغ ۽ تدريس جو مرڪز بنايائين ۽ اتي سال 664هه /1265ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار -پاڪ پتڻ- شريف ۾ آهي. هر سال محرم مهيني جي چوٿين -تاريخ- تي سندس عرس ٿيندو آهي. بابا فريد جا ناصحانه دوها سنڌ جي سگهڙن وٽ ڪچهرين ۾ هلندڙ آهن.
بابا فريد گنج شڪر جي -تعليم- ۽ طريقي جو سلسلو سنڌ تائين پهتل هو. سندس سلسلي ۾ سماع کي خاص اهميت هئي ۽ -ان- ڪري يقيني طور سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن، -پاڪ پتڻ- ۾ سندس خانقاهه تي سماع جون محفلون مچايون هونديون. هڪ حوالي موجب، دهليءَ ۾ شيخ نظام الدين اولياءُ وٽ شيخ فريد گنج شڪر جو مريد حسين سنڌيءَ نالي قوال رهندو هو، جيڪو اتي سرود ڪندو ۽ ڳائيندو هو. مير خورد ڪرماني ’سيرالاولياءُ‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”شيخ فريد ’هندي‘ چڱيءَ طرح ڳالهائي سگهندو هو.“ هنديءَ مان مراد ملتان ۽ سنڌ واري مقامي -ٻولي- ’هندوي‘ ٿي سگهي ٿي، جيڪا -ان- وقت جي سرائڪي- سنڌي ٻولين جي آميزش واري زبان هئي. شيخ فريد پنهنجن مريدن کي پنهنجي زبان ۾ ذڪر ڪرڻ جي -تلقين- ڪئي ته جيئن هو لفظن کي سمجهن ۽ سندن دل تي اثر ٿئي. محمد غوث گوالياريءَ پنهنجي ڪتاب ”جواهر خمسہ“ ۾ انهيءَ ذڪر جا ٽي فقرا ڏنا آهن، -جن- جي سٽاءَ مان ظاهر آهي ته اهي سرائڪي ۽ سنڌيءَ جا آهن. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته حضرت -بابا فريد مسعود گنج شڪر- عام مقامي -ٻولي- ’هندويءَ‘ ۾ دوها چيا. ڪن محققن جي راءِ ۾ اهي دوها، جيڪي ’بابا فريد‘ جي نالي سان منسوب آهن، سي -بابا فريد مسعود گنج شڪر- جا نه، پر سندس جاءِ نشينن مان ڪنهن دوريش ”فريد ثانيءَ“ جا چيل آهن. سکن جي ڌرمي ڪتاب ”آد گرنٿ“ (گروگرنٿ) جي آخري پنجين ڀاڱي ’ڀوڳ‘ هيٺ ڪن دوهن تي سرائڪي- سنڌيءَ جو رنگ چڙهيل آهي. -ان- سلسلي ۾ هيٺيان دوها غور طلب آهن:
سرور پنڇي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس
تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس

اِنِي نِڪي جنگَيم، ٿَلُ ڊوگر ڀَويوم
اَجَ فريدئي ڪوجڙا، سَو ڪُهان ٿيوم

فريدا سبنئان مَن ماڻڪ، ڊاهڻ مول مَ چنگا
جِي توءِ پري دي سِڪ، هِيانَو نه ڊاه ڪنهين دا.

انهن دوهن جي صورتخطي ائين آهي، جيئن ”آد گرنٿ“ ۾ ڏنل آهي، يعني گهٽ ۾ گهٽ 1604ع تائين (جڏهن ”آد گرنٿ“ تاليف ٿيو) اُهي دوها ائين لکيا، -پڙهيا- ۽ اچاريا ويندا هئا. پهرين ٻن دوهن ۾ سنڌي اثر نمايان آهي. معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف خود بابا فريد کان متاثر هو. هيٺيون -بيت- بابا فريد جي -بيت- جو سڌو سنئون ترجمو آهي، پر تخليقي سٽاءَ لطيف جي وڌيڪ بهتر آهي.
سر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه
سندي -آس- الله، لُڏي لهرين وچ ۾.
(شاهه)

ان کان سواءِ هي -بيت- سنڌ جي سگهڙن وٽ زباني روايتن ذريعي هلندو آيو آهي.
ٿر ڏونگر بر روهه، ميي سڀ مناڙيا
اڱڻ اسي ڪوه، هاڻي هن جَهاز کي.

ٽالپرن جي دؤر جي هڪ قلمي نسخي ۾ شاعر غلام علي ملاح، مير فتح علي خان جو ڪلام گڏ ڪيو آهي، تنهن جي آخر ۾ هي -بيت- غلط نموني سان هيٺينءَ ريت لکيل آهي، بهرحال -ان- مان ظاهر آهي ته گذريل اڻويهين صديءَ ۾ هيءَ -بيت- اديبن ۽ شاعرن کي پڻ معلوم هو:
ٿر -ٿر- ڏيهه ڏونگر هن، ميي سڀ مناڙيا
هاڻي هن جهاز کي، اڱڻ پڻ اُسي ڪُهن.

بهرحال، بابا فريد گنج شڪر جي شاعريءَ تي سنڌيءَ جو يا سنڌيءَ تي سندس شاعريءَ جو اثر آهي، جيڪا حقيقت آهي، ۽ اُها سنڌي شاعريءَ جي -تاريخ- جو باب ۽ حصو آهي. بابا فريد جي دوهن تي سنڌيءَ ۾ -آغا سليم- ڪم ڪيو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ حوالا: متن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، تصويرون: وڪي پيڊيا، گگل ۽ ٻيون لاڳاپيل ويب سائيٽون توڙي ڪتاب

ڇا اوهان وٽ -بابا فريد مسعود گنج شڪر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بابا فريد مسعود گنج شڪر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن