داخلا جي تاريخ 2011-12-07
داخلا نمبر 14
عنوان بابا صلاح الدين
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1143 ڀيرا
داخلا جو حوالو حوالا: متن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، تصويرون: وڪي پيڊيا، گگل ۽ ٻيون لاڳاپيل ويب سائيٽون توڙي ڪتاب
بابا صلاح الدين جو مقبرو

بابا صلاح الدين جو مقبرو

بابا صلاح الدين

بابا صلاح الدين 1320هه/1902ع ڌاري چترال ۾ ڄائو. سندس والد پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، بابا صلاح الدين اسلاميه اسڪول پشاور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙهه روانو ٿيو. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ديوبند جي دارالعلوم مان ديني تعليم حاصل ڪيائين، هڪ مرحلي تي تارڪ ٿي، جهنگ وسايائين، جتي قدرتي نظارن جي مشاهدي ۾ مشغول رهيو. ڪجهه وقت ڪلير ۾، بارگاهه مخدوم علاؤالدين صابري ڪليري رحه ۾ قيام ڪيائين، پوءِ اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتي غريب نواز جي آستاني تي رهيو. اجمير کان پوءِ دهلي، لاهور، ملتان ۽ سرهند جي اوليائن جي مزارن تي حاضري ڏنائين. بعد ۾ 1951ع ۾ پاڻ مستقل طور حيدرآباد سنڌ ۾ اچي رهيو، جتي ڏينهن جو مولا عليءَ جي قدمن ڀرسان بٺارن ڀوڳڙين وٽ رهندو هو ۽ رات سخي عبدالوهاب شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي گذاريندو هو.
11 جولاءِ کان 13 جولاءِ 1963ع تائين سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي مزار تي قيام ڪيائين. ائين سفر ۽ حضر ۾ زندگيءَ جا ڏهاڙا گذاريندي 20 صفر 1383هه/ مطابق 13 جولاءِ 1963ع تي قلندر شهباز جي مزار تي وفات ڪيائين. سندس مزار ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ورڪشاپ ويجهو قومي شاهراهه جي ڀر ۾ موجود آهي، جتي عقيدتمند هر سال سندس عرس ملهائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

بابا صلاح الدين 1320هه/1902ع ڌاري چترال ۾ ڄائو


1963.07.13  عيسوي

بابا صلاح الدين سفر ۽ حضر ۾ زندگيءَ جا ڏهاڙا گذاريندي 20 صفر 1383هه/ مطابق 13 جولاءِ 1963ع تي قلندر شهباز جي مزار تي وفات ڪيائين


  عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون