داخلا ؛ 289
پڙهيو ويو ؛ 1218
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2011-12-15


تصويرون


bible.jpeg
بائبل
بائبل

bible2.jpeg
عبراني ٻوليءَ ۾ بائيبل
عبراني ٻوليءَ ۾ بائيبل

jesus christ.jpeg
حضرت عيسيٰ مسيح جي خيالي تصوير
حضرت عيسيٰ مسيح جي خيالي تصوير



ٽائيم لائين

0900.00.00-B.C
بائبل: هيءُ ڪتاب عيسائين جو مذهبي ڪتاب آهي . ۽ بائبل ” عهدنامه قديم “ ۽ ” عهدنامه جديد “ جي مجموعي کي چئجي ٿو ان جي شروعات اٽڪل ڏهين صديءَ ق . م کان ٿئي ٿي ۽ هڪ صدي ق . م ۾ ختم ٿئي ٿي

0099.00.00-B.C
بائبل: هيءُ ڪتاب عيسائين جو مذهبي ڪتاب آهي . ۽ بائبل ” عهدنامه قديم “ ۽ ” عهدنامه جديد “ جي مجموعي کي چئجي ٿو ان جي شروعات اٽڪل ڏهين صديءَ ق . م کان ٿئي ٿي ۽ هڪ صدي ق . م ۾ ختم ٿئي ٿي

0200.00.00-B.C
بائبل: هيءُ ڪتاب عيسائين جو مذهبي ڪتاب آهي ٽين صديءَ ق . م تائين پڻ گهٽ ۾ گهٽ ٽن قسمن جا عبراني متن موجود هئا

0070.00.00-A.D
ان کان پوءِ متيءَ ( Mathew ) جو انجيل سڀ کان قديم چيو وڃي ٿو ، جيڪو 70 عيسوي ڌاري مرتب ٿيو هو




sindhianaسنڌيانا--بائبل

ٽائيٽل ؛ بائبل


شاخ : ڪتاب

بائبل: هيءُ ڪتاب عيسائين جو مذهبي ڪتاب آهي. ۽ -بائبل- ”عهدنامه قديم“ ۽ ”عهدنامه جديد“ جي مجموعي کي چئجي ٿو. عهدنامه قديم وري ڪل 39 ڪتابن يا صحيفن تي مشتمل آهي. انهن سڀني ۾ اوائلي اهي پنج صحيفا (Pentateuch) آهن، جيڪي حضرت موسيٰ ڏانهن منسوب آهن ۽ -جن- کي عام طور تي ”تورات“ يا ”توريت“ به ڪوٺيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح باقي ڪتاب ۾ هڪ ’زبور‘ (Psalms) آهي، جيڪو حضرت دائود ڏانهن منسوب آهي. ٻيا ڪتاب -بني اسرائيل- جي ٻين پيغمبرن بابت آهن. اهو سمورو مواد نو سؤ سالن جي عرصي تي پکڙيل آهي ۽ -ان- جي شروعات اٽڪل ڏهين صديءَ ق. م کان ٿئي ٿي ۽ هڪ صدي ق. م ۾ ختم ٿئي ٿي. جيستائين عهدنامه عتيق جي تحريري صورت ۾ مرتب ٿيڻ جو سوال آهي ته شروع ۾ -ان- جا ڪيترائي ڌار ڌار متن هئا. -ٽين- صديءَ ق. م تائين پڻ گهٽ ۾ گهٽ -ٽن- قسمن جا عبراني متن موجود هئا. پهرين صديءَ ق. م ۾ البت اهو احساس پيدا ٿي چڪو هو ته هڪڙو اهڙو متن هجي، جنهن تي سڀئي متفق هجن. بهرحال حضرت عيسيٰ عه کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي پوءِ وڃي انهيءَ متن جو تعين ڪيو ويو، جيڪو -بائبل- ۾ شامل ٿيڻو هو. هينئر عهدنامه قديم جو عبراني زبان ۾ پراڻو نسخو نائين صدي عيسويءَ جو آهي. اهڙيءَ طرح جيستائين -بائبل- جي ٻئي حصي يعني عهدنامه جديد جو تعلق آهي ته -ان- ۾ پروٽيسٽنٽ فرقي موجب ڪل 27 ڪتاب ۽ رومن ڪئٿولڪ فرقي موجب 34 صحيفا شامل آهن. انهن ۾ سڀ کان پهريائين اهي چار -انجيل- (Gospels) آهن، جيڪي متي (Mathew)، مرقس (Mark)، لوقا (Luke) ۽ يوحنا (John) ڏانهن منسوب آهن. باقي رهيل ڪتابن ۾ سينٽ -پال- جا 14 خط يا مڪتوبات، رسولن جا اعمال ۽ مڪاشفا شامل آهن، ليڪن انهن سڀني ۾ سينٽ -پال- جا اهي خط قديم ناهن، جيڪي هن 50ع ڌاري لکيا هئا. -ان- کان پوءِ متيءَ (Mathew) جو -انجيل- سڀ کان قديم چيو وڃي ٿو، جيڪو 70 عيسوي ڌاري مرتب ٿيو هو. هو -پال- جي قريبي ساٿين مان هو. -ان- کان سواءِ ”رسولن جا اعمال“ (Acts of Apostles) پڻ سندس -تصنيف- چئي وڃي ٿي. چوٿون -انجيل- يوحنا ڏانهن منسوب آهي. هن جو -ڀاءُ- جيمس، مسيح جي خاص عقيدتمندن ۾ شامل هو. -ان- کان سواءِ هو هڪ وضعي صحيفي (Apocrypha) ۽ -ٽن- خطن (Epistles) جو پڻ مصنف چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ چارئي -انجيل- پهرين صدي عيسويءَ جي ختم ٿيڻ کان اڳ -تصنيف- ٿي چڪا هئا، ليڪن چوٿين صدي عيسويءَ کان اڳ انهن جي حيثيت معلوم ٿي نه سگهي هئي. هتي هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته اهو چوٿين صدي عيسويءَ جو واقعو آهي، جڏهن مٿي ذڪر ڪيل صرف چئن انجيلن کي قانوني ۽ تشريحي (Canonical) قرار ڏنو ويو ۽ -ان- کان سواءِ مٿي ڄاڻايل ٻئي مواد کي عهدنامه جديد ۾ شامل ڪيو ويو ۽ باقي مواد کي غيرمستند يا وضعي (Apocrypha) قرار ڏنو ويو. هڪ اندازي موجب اٽڪل هڪ سؤ نسخن کي ائين قرار ڏنو ويو. انهن منجهان برناباس ۽ ٿامس جا -انجيل- قابل ذڪر چيا وڃن ٿا.
هن وقت عيسائي دنيا ۾ -بائبل- جا جيڪي ٻه قديم -ترين- نسخا موجود آهن، اهي چوٿين صدي عيسويءَ جا آهن. هڪڙي کي Codex Vaticanus چيو وڃي ٿو، جيڪو پوپ وٽ ويٽيڪن شهر ۾ رکيل آهي، ٻيو نسخو جنهن کي Codex Sinaiticus ڪوٺيو وڃي ٿو، سينا -جبل- جي قديم آثارن مان مليو هو ۽ هينئر برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي. -ان- پوئين نسخي ۾ به وضعي صحيفا (Apocrypha) موجود آهن. -ان- کان سواءِ اهي ٻئي نسخا -انجيل- جي مروج ڪتابن سان پڻ اختلاف رکن ٿا. مثلاً: مرقس جي -انجيل- ۾ شامل آخري باب پڻ مٿين ٻنهي نسخن ۾ موجود ڪونهي. هينئر عيسائي دنيا ۾ عام طور تي استعمال ٿيندڙ -بائبل- -بادشاهه- جيمس جو معتبر نسخو (King James Authorized Version) آهي، جيڪو پهريون ڀيرو سال 1611ع ۾ شايع ٿيو. پروٽيسٽنٽ فرقي سان تعلق رکندر عيسائي -ان- کي مڃين ٿا ۽ هينئر اهو دنيا جي 1500 کان به وڌيڪ ٻولين ۾ موجود آهي. -ان- نسخي جو مدار هڪ اهڙي قديم نسخي تي چيو وڃي ٿو، جيڪو حضرت عيسيٰ عه کان گهٽ ۾ گهٽ چار صديون پوءِ جو آهي. -بائبل- جو ٻيو مقبول عام نسخو ”نظرثاني ٿيل معياري متن“ (Revised Standard Version) آهي، جنهن جو مخفف RSV لکيو وڃي ٿو. اهو نسخو پنجاهه عيسائي فرقن جي 32 عالمن تيار ڪيو آهي. هن جو مدار هڪ اهڙي قديم نسخي تي رکيو ويو آهي، جيڪو حضرت عيسيٰ کان ٻه يا ٽي صديون پوءِ جو چيو وڃي ٿو. ”نظرثاني ٿيل“ ’عهدنامه جديد‘ پهريون دفعو سال 1952ع ۾ شايع ٿيو، پر سال 1961ع ۾ جڏهن -ان- تي ٻيهر نظرثاني ڪئي وئي ته منجهس وري ڪجهه ڦيرڦار ڪئي وئي. مطلب ته اهڙيءَ طرح داخلي ۽ خارجي شهادتن جي آڌار تي هيءَ راءِ قائم ڪئي وئي آهي ته عهدنامه قديم (Old Testament) جو ڪجهه مواد، جيتوڻيڪ الهامي نوعيت جو آهي، پر -ان- جي -تصنيف- ۽ ترتيب خالص انساني ذهن جي ڪوشش آهي، مثلاً عهدنامه قديم جا شروعاتي پنج ڪتاب، -جن- کي اسفار خمسه (Pentateuch) يا ”تورات“ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ جيڪي حضرت موسيٰ ڏانهن منسوب آهن، -تن- ۾ حضرت موسيٰ عه جي وفات جو ذڪر پڻ ٿيل آهي، باقي عهدنامه جديد جا چار -انجيل- جدا جدا شخصن ڏانهن منسوب آهن. جيتوڻيڪ اهي حضرت عيسيٰ عه جي سوانح ۽ تعليمات تي روشني وجهن ٿا، ته به انهن ۾ ڪي فرق به موجود آهن. وڏي ڳالهه ته حضرت عيسيٰ عه جي شجره نسب تي متي ۽ لوقا متفق ناهن. اهڙيءَ طرح متي ۽ يوحانا جا انجيل، حضرت عيسيٰ جي مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿي -آسمان- تي وڃڻ بابت خاموش آهن. جديد -تحقيق- موجب انجيلن جا چارئي مرتب، واقعات جا اکين ڏٺا شاهد ناهن ۽ نه ڪو وري هنن اهي -انجيل- پاڻ -تصنيف- ڪيا آهن. مزي جي ڳالهه ته اهي -انجيل- يوناني زبان ۾ آهن، جڏهن حضرت عيسيٰ عه ۽ سندس حوارين جي زبان آرامي (Aramaic) هئي.
مٿي ذڪر ڪيل صورتحال جي مدنظر -بائبل- جي متن کي ويهين صديءَ جو فرينچ مصنف مارس بوڪائيل (Maurice Bucaille) قرآن شريف سان نه، بلڪ احاديث جي مجموعن سان ڀيٽي ٿو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بائبل- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بائبل - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڪتاب - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادگار (رسالو)
بابر نامو
بابر نامه
بابنامو
بابنامو2
بابنامو3
بابنامو4
بابنامو5
باتصوير يوگ آسڻ
باپوءَ جا خط
بادل (رسالو)
بادل ۽ بوندون
آبِحيات2
باغ ۽ باغباني
آخرين سفر
آتش عشق
باقيات از احوال ڪلهوڙه
آتش ڪده آذر
آتم رامائڻ
آتم رس
آتم ڦلواڙي
آتم ڪٿا
آتم ڪٿا جي نالي ۾
آتمڪ جيون
آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي
آتم هار ڀڄناولي
بالغن جي تعليم جي واٽ
بالغن جي تعليم لاءِ استادن جو رهبر
بالغن جي تعليم لاءِ پهريون ڪتاب
بالغن جي تعليم لاءِ ڪتاب
بانڪو شاهه بهرام
بائبل
آثار الباقية عن القرون الغالية
آثارالعرفان
بچو بادشاهه (ڪتاب)
بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير
بحرالعشق
بحر العميق
بختاور شهيد (ڪتاب)
بخت سان ڪنهن جي ريس
ٻاراڻا اولاڻا عرف ٻاراڻا گيت
بدرالمنير
بدرالمنير في احوال قيامت ڪبير
ٻاراڻا گيت
ٻاراڻا گيت (ڪتاب)
ٻاراڻو (ڪتاب)
ٻاراڻو رهبر
ٻاراڻو ڪتاب
ٻاراڻيون آکاڻيون
ٻاراڻيون آکاڻيون (ڪتاب)
ٻاراڻيون ٻوليون (ڪتاب)
ٻاراڻيون ٻوليون
ٻاراڻيون ڳالهيون
ٻارن جا حق
ٻارهن امامن جي امامت
ٻارهن ماهه
ٻار ۽ گهر
بدعت ٽوڙ
بدگماني
بدمعاش
بدمعاشن جي ٽولي
بدنصيب ٿري
بدن و صحت
بدني بناوت ۽ فطرت جو اڀياس
ٻال
ٻال اتر پرشن
ٻال چندرما
ٻال رامائڻ
ٻال ساهتيه جو وڪاس
ٻال ساهت ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي اهميت
ٻال شهيد وير حقيقتراءِ
ٻالڪو ٻڌو
ٻال گيتا ۽ انگن جي استعمالي
ٻال هتيا عرف خون ناحق
ٻال يوگ سکيا
ٻاونجاهه اکري ٻوڌ
ٻاويهه سؤ ٻاويهه
بدين (ڪتاب)
ٻپهري
ٻپهريءَ جا ٻه پل
ٻڌا ٽهڪ
ٻڌا ڀڳوان
ٻڌ درشن
ٻڍل جو رسالو
رسالو ٻڍل فقير
ٻريا رنگ رتول
ٻري جن ٻاري
ٻري جن ٻاري (ڪتاب)
ٻري جن ٻاري (مضمون)
اردو سنڌي لغت
اردو سنڌي لغت (ڪتاب)
ارشادالخلفاءِ تحقيق
ارشاد القرآن تحقيق 1
ارمان
ارمغان حامد
ارنيسٽ ٽرمپ وارو ڇاپو
اَساس الفرائض
اسان جا شعر هي سادا
اسان جو پيارو آقا
اسان جو پيارو دين


.....ڪتاب موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن