داخلا نمبر 3960
عنوان اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
شاخ اشاعتي ادارا
پڙهيو ويو 303 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
اڳتي قدم- ڪتاب

اڳتي قدم- ڪتاب

اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور

اڳتي قدم پبلڪيشن شڪارپور: اڳتي قدم پبلڪيشن جو بنياد سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز آگسٽ 1947ع ۾ وڌو هو. هن پبليڪيشن پاران ’سوويت روس‘ نالي هڪ ڪتاب به شايع ڪرايو ويو هو. ان ڪتاب کان سواءِ ماهوار’اڳتي قدم‘ به شايع ڪيو ويندو هو، جنهن جا فقط ٽي پرچا شايع ٿيا. شيخ عبدالرزاق ’راز‘ لکي ٿو ته 1947ع جي شروعات ۾ شيخ اياز شڪارپور مان ’اڳتي قدم‘ رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ظاهر ظهور مارڪسزم جي تائيد ڪئي ۽ گڏوگڏ جديد ادب کي سوشلزم جي اصولن تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته: رسالي ’اڳتي قدم‘ جنهن سنڌي ادب جي ترقي پسند لاڙن کي جاڳايو، گڏ ڪيو ۽ پاڻ ڀرو ڪيو. اياز هن رسالي جا فقط ٽي پرچا ڪڍيا، پر ان مختصر عرصي ۾ هن رسالي سنڌي ادب جي نڪ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، اها لاهي ڦٽي ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو. ’اڳتي قدم‘ رسالي جي ٽنهي پرچن نهايت ئي معياري ادب ڇپيو. اڳتي قدم جي ٽنهي پرچن جي مواد کي 2000ع ۾ محمد ابراهيم جويي، پنهنجي پيش لفظ سان نئين سر ڪمپوز ڪرائي ڊيمي سائيز ۾ ڪتابي صورت ۾ شيخ اياز فائونڊيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو ’اڳتي قدم‘ بابت تفصيلي مضمون به شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.00  عيسوي

اڳتي قدم پبلڪيشن شڪارپور: اڳتي قدم پبلڪيشن جو بنياد سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز آگسٽ 1947ع ۾ وڌو هو .



اشاعتي ادارا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باک اشاعت گهر
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اشاعت
اداره لطيفي حيدرآباد
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
آگم پبلشنگ ايجنسي
ادب اشاعت گهر
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
اشاعتي ادارا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون