اڪن نيرا ڦليا -ڪتاب

اڪن نيرا ڦليا -ڪتاب

اڪن نيرا ڦليا

اَڪن نِيرا ڦُليا (ڪتاب ):هي سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز جو شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ بيت، نظم، گيت ۽ وايون شامل آهن. اياز جي هيءَ شاعري ٿر جي پسمنظر ۾ ڪيل آهي، ان ۾ نه رڳو ٿر جا اصطلاح، پر سمون، تهذيب، تاريخ ۽ طبعي سونهن بيان ٿيل آهي. شيخ اياز هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي دوست ۽ محسن محمد ابراهيم جويي جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڪٽوبر 1988ع ۾ نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو ويو. ڪتاب جي قيمت ڪچي جلد سان 30 رپيا ۽ پڪي جلد سان 50 رپيا آهي. ڪتاب 150 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو