داخلا نمبر 1397
عنوان اڪ
شاخ ٻوٽا
پڙهيو ويو 551 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اَڪَ جو ٻوٽو

اَڪَ جو ٻوٽو

اڪ

اَڪُ: هي پاڻمرادو ڦٽندڙ ٻوٽو آهي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندو آهي، جنهن جا پن پان وانگر ويڪرا ٿيندا آهن. غيرآباد زمين ۾ اڪ جو ٻوٽو ڪثرت سان ڦٽي ٿو. اڪ جون ڪاٺيون ٻارڻ جو ڪم ڏينديون آهن. اڪ جو ٻج اڇي رنگ جي چمڪندر ڦلڙين سان ويڙهيل هوندو آهي. اُن جون اُهي ڦلڙيون وهاڻن ۾ ڪپهه طور ڪم آڻيندا آهن. خاص ڪري هيءُ ٻوٽو ٿر ۾ بيحد ڪارائتو آهي. هيءُ نرم زمين ۾ جام اُڀري ٿو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو. هن جي پنن کي ٿري پُڙا چون ٿا، اڪ جي گلن کي ٿري ”ڦليا“ سڏين ٿا ۽ باقي سنڌ ۾ ”ڦلڙيون“ چئبو آهي. شيخ اياز جي هڪ شعري مجموعي جو نالو ”اڪن نيرا ڦليا“ آهي.
اڪ سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عام جام ٿئي ٿو. هيءُ ٻوٽو مئي ۽ جون مهيني ۾ به سائو هوندو آهي. ان جو پن يا ٽاري ٽوڙڻ سان اڇو کير وهندو آهي. اهو کير، ان جا پن، گل ۽ پاڙ دوا طور ڪتب ايندا آهن. هن ٻوٽي کي ساڙي ان جي رک مان يوناني دوائون ٺاهيون وينديون آهن. عام عقيدو آهي ته پراڻو ڏڍ، هڪ ئي ڀيرو اڪ جو کير ملڻ سان ٺيڪ ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿئي ته ڪجهه ڏينهن ڇڏي ٻيو ڀيرو به مکجي. سنڌ ۾ اڪ جي کير مان ناس به ٺاهي ويندي آهي، جيڪا مٿي جي سور ۽ بند زڪام لاءِ ڪم ايندي آهي. حڪيم هن ٻوٽي کي ڪيترين ئي بيمارين جي دوائن تيار ڪرڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن.
اڪ جو تيل: حڪيم اڪ جي پنن کي تِرن جي تيل ۾ ساڙي، پوءِ ان تيل کي صاف ڪري سنڌن جي سور، چيلهه جي سور ۽ عرق النساءِ جي سور لاءِ رکندا آهن ۽ فائديمند سمجهيو وڃي ٿو.
مال وارا ماڻهو پنهنجن وٿاڻن ۾ اَڪ جو دونهون ڪندا آهن، جنهن سان سندن خيال ۾ مال کي ٿڌ يا ڪاري واءَ جهڙيون بيماريون نه ٿيندون آهن. اڪ جون ڦلڙيون نانگ جي چڪ يا ڪنهن به زهريلي جيت يا ٻئي ڏنگ جو علاج به سمجهيون وڃن ٿيون. ڌڪ لڳي ته اڪ جا پن باهه تي گرم ڪري ٻڌبا ته سور گهڻي قدر هٽي ويندو.
اڪ جي ڪاٺيءَ جو رنگ اڇو ديال جي ڪاٺيءَ جهڙو ٿيندو آهي، جنهن مان ايسون، مهي ولوڙڻ جا مڪڙا، ۽ جاءِ جون پٽيون تمام سٺيون ٺهن ٿيون. سواءِ اُٺ جي ٻيو هر مال اڪ جا پن چاهه سان چرندو آهي. ٻڪريءَ جي اڳيان سائو گاهه رکجي، پر جي اڪ بيٺل هوندو ته ٻڪري اهو گاهه ڇڏي وڃي اڪ چرندي.
ٿر جا مارو ماڻهو اڪ جي ڪاٺيءَ مان تند يعني آڪارو ڪڍي، اُن مان واڻ، مهارون ۽ رسا ٺاهيندا آهن، جيڪي ڪپهه کان سؤ ڀيرا وڌيڪ مضبوط ٿيندا آهن. اڪ مان ٻيا به انيڪ فائدا آهن: اڪ جو رس چمڙي رڱڻ جي به ڪم اچي ٿو. ڦلاريل ڦٽڪي اڪ جي کير ۾ ڪٽي هلڪي باهه ٻاري گرم ڪجي ته ڦٽڪي ڦلو ٿي ويندي، جنهن کي ڪٽي ڪپڙي سان ڇاڻي روزانو ڏندڻ ڪندا آهن. ڪنهن سنڌ يا هڏي ۾ سور هجي ته اڪ جي کير ۾ ڪپهه پُسائي پهو ڪري رکندا آهن ۽ اهو عمل 2 کان 3 ڏينهن لاڳيتو ڪرڻ سان سور ڇڏي ويندو اٿن. اڇي ڪاغذ تي اڪ جي کير سان اکر لکي سڪائي پوءِ ٽانڊن تي ان پني کي ٿورو گرم ڪرڻ سان اکر صاف ڏسڻ ۾ ايندا. مال کي داغ يا نشان ڪرڻو هجي ته اڪ جي کير سان داغ ٺاهي، ٻه ٽي ڏينهن اُن تي اڪ جو کير لاڳيتو هڻڻ سان اهو تمام چٽو ٿي ويندو.
هن ٻوٽي جي ڪاٺي جيتوڻيڪ سخت يا مضبوط ناهي، پر تڏهن به ڪمائتي آهي. اها ٻارڻ کان سواءِ ڇَنَن اڏڻ ۾ لڙهن طور پڻ ڪتب اچي ٿي. اَڪُ ٻڪرين جو خاص کاڌو آهي، جنهن کي کائڻ سان ٻڪريءَ ۾ کير وڌندو آهي. اڪ جون ڪاٺيون سُڪائي، انهن مان آڪارو ڪڍيو ويندو آهي. آڪاري مان ٺهيل کانڀاڻيون مضبوط ٿينديون آهن. مشهور راڳي موهن ڀڳت جو يڪتارو هڪ جهوني اڪ جي پاڙ مان ٺهيل هو. قديم دور ۾ سنڌ اندر اڪ جي تاندورن مان ڪپڙو پڻ ٺهندو هو، جنهن کي پڻ آڪارو سڏبو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ٻوٽا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻاٽي جا ٻاٽيا
ٻرٽ
ٻگرو
ٻوٽا
ٻوٽي
ٻوهه
اڪ
بڊوکو
ابت ڪنڊڙي
برهم ڏنڊي
ٻوٽا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون