داخلا ؛ 1461
پڙهيو ويو ؛ 486
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-02-17


تصويرون


Sahat-sabha.jpg
ساهت سڀا
ساهت سڀا



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا

ٽائيٽل ؛ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا


شاخ : ادارو

اکل ڀارت سنڌي -ٻولي- ۽ ساهت سڀا: ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ، جيڪي نوجوان سنڌي اديب ۽ شاعر، حالتن جو شڪار ٿي، هند وڃي -آباد- ٿيا، ته کين سنڌي -ٻولي- ۽ ادب کي اتي قائم ۽ سلامت رکڻ جو خيال ٿيو. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان چاهه رکندڙ نوجوان اديبن، ڪلاڪارن/ فنڪارن ۽ سنڌيت جي حامين 1957ع ڌاري پاڻ ۾ گڏ ٿي، ڪل هند سطح جي هڪ ادبي تنظيم ”اکل ڀارت سنڌي -ٻولي- ۽ ساهت سڀا“ قائم ڪئي، جنهن سنڌي اديبن ۽ فنڪارن، عالمن، تعليمدانن ۽ دانشورن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪيو.
هيءَ سڀا گذريل 52 سالن 2009-1957ع کان سنڌي ٻولي، ادب، ڪلا (فن) ۽ -ثقافت- جي واڌاري لاءِ لڳاتار پاڻ پتوڙيندي پئي اچي. هندستاني -آئين- جي اٺين شيڊيول ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عربي لَپي (سنڌي لَپي) قائم رکڻ لاءِ سڀا پاران دهليءَ ۾ -پارليامينٽ- جي سامهون ٻاونجاهه اديبن (الف. ب جي پٽيءَ جي 52 اکرن جي علامتي روپ ۾) -بک- هڙتال ڪئي، چيٽي چنڊ کي سڄي هندستان ۾ وسندڙ سنڌين جي -اتحاد- جو ڏينهن چيٽي چنڊ ”سنڌيت جو ڏينهن“ ڪري ملهائڻ جي ابتدا به هن سڀائي ڪئي. -ان- کان سواءِ سڀا پاران وقت به وقت ڀارت جي جدا جدا شهرن ۾ ”ڪل ڀارت سنڌي ليکڪ سيمينار ۽ مشاعرا“ ڪوٺايا ويندا آهن. -ان- سان گڏ ناٽڪن، سنڌي موسيقيءَ، سنڌي لوڪ ناچ وغيره جا پروگرام ۽ ميلا پڻ لڳايا ويندا آهن.
سنڌي ادب، ڪلا، سنگيت، ناچ، ناٽڪ، -اخبار- نويسي، تعليم، سنڌيت، مصوري/ چترڪاري، سنڌي -ٻولي- بچائڻ ۽ پڙهائڻ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي سڀا پاران هر سال همت افزائيءَ ۽ مڃتا طور هڪ پنجاهه هزار رپين جو، -اٺ- پنجويهه، پنجويهه هزار رپين جا ۽ چار، يارهن يارهن هزارن جا -انعام- ڏنا ويندا آهن. سڀا طرفان موهن جي دڙي جي -تهذيب- کان وٺي، لڏپلاڻ سميت، موجوده دور جي سنڌي برادريءَ کان وٺي، لڏ پلاڻ سميت، موجوده دور جي سنڌي برادريءَ جي ساک ۽ بلندي ڏيکاريندڙ هڪ ”سنگيت ناٽڪ نرتيه بئلي“، ”سنڌو ڌارا“ نالي تيار ڪرائي ويئي آهي، جنهن پراجيڪٽ تي سڀا ڏيڍ ڪروڙ رپيا مشهور سنڌي ڊانسرر / نرتڪي نيلا سندر کي مالي مدد طور ڏنا، جنهن وقت تائين 18 شهرن ۾ اهو بئلي پيش ڪيو آهي. 2009ع کان ”سنڌي ڀڳت“ کي همٿائڻ لاءِ 25000 رپين جو -انعام- محترم مور جمل منگهناڻيءَ دبئيءَ واري ڏنو آهي.
اکل ڀارت سنڌي سڀا جو 18 سالن تائين ڪيرت ٻاٻاڻي صدر رهي چڪو آهي. -ان- کان سواءِ -ان- جي صورت ۾ سيڪريٽرين ۽ اهم ميمبرن ۾ اي. جي. اتم، گوبند مالهي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، موهن ڪلپنا، پوپٽي هير اننداڻي، ٽيڪچند مست، واسديو نرمل، موهن گيهاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا نالي وارا اديب رهي چڪا آهن.
مارچ 2009ع ۾ جئسلمير ۾ ٿيل ’ليکڪ ڪنوينشن‘ ۾ سندر اگناڻيءَ کي ايندڙ -ٽن- سالن لاءِ يڪراءِ سڀا جو صدر چونڊيو ويو آهي. سڀا جي موڙ ۾ هڪ ٻيو سونهن ڀريو کنڀ اهو به لڳو آهي ته سڀا جي صدر سندر اگناڻيءَ کي سنڌي تشخص، -ثقافت- ۽ سنڌي حقن جي هلچل ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس ”جي. ايم. سيد ميموريل اوارڊ 2008ع“ ڏنو ويو آهي، جيڪو اوارڊ هن کان اڳ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان ڏنو ويو هو.
هن سڀا 1982ع کان اڄ تائين ڪيترن اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي اوارڊ ۽ روڪ -انعام- ڏنا آهن، -انعام- حاصل ڪندڙن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، موهن ڪلپنا، ڪيرت ٻاٻاڻي، اندر ڀوڄواڻي، سندري اتمچنداڻي، موتي پرڪاش، گورڌن ڀارتي، ايشور چندر، هري همٿاڻي، -تارا- مير چنداڻي، ڪلاپرڪاش، -ارجن- سڪايل، نارائڻ ڀارتي، واسديو نرمل، ڀرم ابچنداڻي، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، ڀڳوان چاولا، انيلا سندر، مدن جماڻي، ڪملا ڪيسواڻي، مهيش چندر، اُمالالا، اي.جي.اتم، ڊاڪٽر پر سوگدواڻي ۽ رام بخشاڻي، جهمون ڇڳاڻي، هيرو ٺڪر، ومي سدار رنگاڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هي اوارڊ ادب، ثقافت، سنڌيت، فن، تعليم، چترڪاري، ناچ، -ڀڳت- وغيره جي ميدانن ۾ ڏنا ويندا آهن.
تازو ڪجهه سالن کان سنڌ جي اديبن ۽ فنڪارن کي به اوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، -ان- ڏس ۾ محمد ابراهيم جويي، امر جليل، عطيه دائود، ولي رام ولڀ، شفيع فقير ۽ -برڪت- ڀٽ (فنڪار) کي اوارڊ ڏنا ويا آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن