اڏوهي-ناول

اڏوهي-ناول

اڏوهي (ڪتاب)

اڏوهي (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري اديب، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس اخلاق انصاريءَ جو ناول آهي، جيڪو جيجل پبليڪيشن نصيرآباد ڇپرايو آهي. ڪتاب جو انتساب ناليوارن ڪهاڻيڪارن مشتاق شوري، مدد علي سنڌي ۽ ماڻڪ جي نالي ٿيل آهي. مهاڳ مشتاق احمد شوري لکيو آهي. هي ناول ٽن حصن تي مشتمل آهي. پهريون ”اڏ“، ٻيون ”اڏو“ ۽ ٽيون ”اڏوهي“. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي ڊاڪٽر بدر اڄڻ، تاج بلوچ، اسحاق انصاري ۽ عباس جلباڻيءَ جا مختصر رايا ڏنل آهن. چار رنگي ٽائٽل ۽ پڪي جلد وارو هي ناول 128 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو ملهه 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو