داخلا نمبر 2103
عنوان اٽل مل بينام
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 688 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

اٽل مل بينام

اَٽل مل بينام: ديوان اٽل مل پاٽولي پٽ رنگل مل، ’پير جي ڳوٺ‘ تعلقي خيرپور جو رهاڪو هو. 1940ع ڌاري وفات ڪري ويو. ان وقت سندس عمر 65 سال هئي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو ڪافي گو شاعر هو. سندس تخلص ’بينام‘ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو