داخلا جي تاريخ 2012-03-08
داخلا نمبر 2126
عنوان اُمي
شاخ اسلام
پڙهيو ويو 250 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

اُمي

اُمي: هيءُ لفظ قرآن شريف ۾ آيل آهي، جيئن ته ”فَاٰمِنُوا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهِ النَّبِيِّ الْاُمِيِّ“ (الاعراف). حديثن ۾ به اهوئي لفظ استعمال ٿيو آهي: ”نَحْنُ اُمَّةٌ اُمِّيَّةٌ نَکتُبُ وَلَانُحْسِنُ“ (البخاري) مفسرن جي هڪڙي گروهه لفظ ”اُمي“ مان ”ناخوانده، اڻپڙهيل“ جي معنيٰ ورتي آهي. ڪن چيو ته ”اُمي اُهو شخص آهي، جيڪو لکڻ نه ڄاڻندو هجي.“
انهيءَ سلسلي ۾ علمائن ڪَئين توجيهون پيش ڪيون آهن. ’الزجاج‘ وضاحت ڪئي ته ”اُمي“ اهو آهي، جنهن ۾ عرب اُمت واريون صفتون هجن، جيئن ته لکڻ پڙهڻ کان ناواقفيت (نزول قرآن جي زماني تائين) عربن جي خاص صفت هئي، ۽ انهيءَ بنا تي ٻين اُمتن کان جدا هو. انهيءَ ڪري گهڻن علمائن ”اُميُون“ (البقره، آل عمران) جو مطلب ’عرب‘ چيو آهي. ڪن عالمن ’اُميءَ‘ کي ”عامي“ سمجهيو آهي، ڇوته ’عامي‘ اُهو آهي، جيڪو عام ماڻهن جي وصفن وارو هجي. ڪن عالمن، ’اُميءَ‘ کي ’اُم‘ (ماءُ) سان منسوب ڪيو آهي، يعني اهو شخص جيڪو ننڍپڻ ۾ پيءُ جي پاڇي کان محروم ٿي، ماءُ يا دائيءَ جي گود ۾ پليو هجي، ۽ ان کي ڪو علم يا فن يا لکڻ پڙهڻ سکڻ جو موقعو نه مليو هجي. انهيءَ ڪري اڻپڙهيل کي به مجازاً ’اُمي‘ چيو ويندو هو. هڪڙو هيءُ به خيال آهي ته اڻ پڙهيل شخص جي حالت اهڙي هوندي آهي، جهڙي ماءُ پيٽان تازي ڄاول ٻار جي، انهيءَ ڪري به اهڙي ماڻهوءَ کي ’اُمي‘ چيو ويو. ڪن عالمن امام باقر رضه جو قول نقل ڪيو آهي ته ”لفظ ’اُمي‘ جي نسبت ’اُمُ القريٰ“ سان آهي، جيڪو مڪي معظمہ جو لقب ۽ نبي سڳوري جي ولادت وارو هنڌ آهي، جيئن ته نبي سڳورو بظاهر پڙهيل نه هو، انهيءَ ڪري کين به مجازاً ’اُمي‘ ڪري سڏيائون.
اُمي‘ نبي سڳوري جي نالن مان هڪ مبارڪ نالو آهي. پاڻ نه ڪنهن اُستاد کان لکڻ پڙهڻ سکيائون ۽ نه ڪنهن انسان جي شاگرديءَ ۾ ويٺا. انهيءَ ڪري الله تعاليٰ سندن وصف هن طرح ڪئي: ”هن کان اڳ تون نه ڪو ڪتاب پڙهندو هئين ۽ نه پنهنجي ساڄي هٿ سان ڪجهه لکي سگهندو هئين، نه ته اهي باطل پرست يقيناً شڪ ڪن ها.“ (العنڪبوت)
بهرحال ابن قُتيبہ بيان ڪيو آهي ته حڪمت الاهي اها هئي ته متان مخالف ماڻهو ڪلام الاهيءَ کي نبي سڳوري جي اڪتسابي علم جو نتيجو سمجهن، تنهنڪري ’اُمي‘ هجڻ واري صفت ڄڻ ته نبي سڳوري جي مدح آهي، جيڪا ٻين ۾ ناهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو