داخلا جي تاريخ 2012-01-27
داخلا نمبر 857
عنوان اَساس الفرائض
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 383 ڀيرا
داخلا جو حوالو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

اَساس الفرائض

اَساس الفرائض (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ 1192هه/1778ع کان اڳ تصنيف ڪيو. هيءُ ڪتاب فوتيءَ جي ورثي ۽ ملڪيت کي سندس وارثن ۾ شرعي حڪمن مطابق ورهائڻ ۽ تعليم جي موضوع بابت آهي، جيڪو عام طرح گرهوڙي صاحب جي سنڌيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. ڪتاب جي تصنيف ڪرڻ جو مقصد تعليمي هو. گرهوڙي صاحب مکيه موضوعن جهڙوڪ: ايمان، توحيد، رسالت وغيره کي پڻ منظوم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ۽ سندس اهي نظم پڻ پوءِ ”اساس الفرائض“ سان گڏ گرهوڙي صاحب جي سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا. 1336 هه/1918ع ۾ هيءُ رسالو مخدوم عبدالله جي ”سڱ نامي“ ۽ ٻين چئن ڪتابن سان گڏ، مطبع ڪريمي، بمبئيءَ مان ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو