ايڇ ٽي لئمبرڪ

ايڇ ٽي لئمبرڪ

ايڇ ٽي لئمبرڪ

ايڇ. ٽي. لئمبرڪ: سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ آثار قديمه تي مهارت رکندڙ ۽ سنڌ جي اڳوڻي انگريز عملدار ايڇ. ٽي لئمبرڪ (Hugh Trivor Lamberic) 1904ع ۾ برطانيا ۾ جنم ورتو. هن آڪسفورڊ جي اورينٽيئل ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ جديد تاريخ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪئي. هن جو هڪ اهڙي انگريز خاندان سان واسطو هو، جن جي فردن سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان اڳ ۽ 1843ع ۾ سنڌ جي فتح کان پوءِ ملازمت ڪئي هئي. هن جو نانو 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر رهي چڪو هو. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ 1927ع ۾ انڊين سول سروسز ۾ شامل ٿيو ۽ آءِ.سي.ايس (I.C.S) جي کليل چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ پهريون نمبر آيو ۽ آءِ.سي.ايس جي بمبئيءَ ڪيڊر ۾ شامل ٿيو. اهڙيءَ طرح هو 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي انتظامي عهدن تي رهيو. لئمبرڪ 1933ع ۾ سنڌ ايڊمنسٽريٽو ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو، جنهن ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ سر عبدالله هارون ۽ ايوب کهڙو شامل هئا، جن کي 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ هيٺ بمبئي پرڳڻي کان ڌار ٿيندڙ خودمختيار سنڌ صوبي جي سموري انتظامي جوڙجڪ تيار ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي هئي. 1940ع واري ڏهاڪي ۾ هو حُرن جي ڪاررواين ۾ ملوث ٿيو، جنهن دوران سڄي اڀرندي سنڌ تي مارشل لا مڙهي وئي هئي ۽ هن مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ حُرن تي سختيون ڪيون. مرحوم آغا عبدالنبي سندس هٿ هيٺ نائب نائب ائڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪيو. حُر تحريڪ جي پسمنظر ۾ ناول جي انداز ۾ لکيل سندس ڪتاب ”The Terrorist“ مشهور آهي، جنهن ۾ 1940ع واري ڏهاڪي جي حُر تحريڪ تي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيتريون اعتراض جوڳيون ڳالهيون به لکيل آهن، جن سان حُر تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ سنڌ جي تاريخدانن کي سخت اختلاف آهن. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”حُر گوريلا جنگ“ جي نالي سان مشهور اديب عطا محمد ڀنڀري 2002ع ۾ ڪيو آهي. لئمبرڪ 1934ع کان 1935ع تائين جيڪب آباد ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو، ٿوري عرصي تائين بدلي ٿيڻ بعد وري هڪ سال هن ئي ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو. سنڌ ۾ نوڪريءَ دوران لئمبرڪ سنڌي زبان تي چڱي مهارت حاصل ڪئي. هن واندڪائيءَ وارو وقت سنڌ جي قديم تاريخ، جاگرافي، آرڪيالاجي، قومن ۽ قبيلن جي ڄاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. انهن موضوعن تي هن ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جي جرنل ۾ ڪيترائي مضمون لکيا ۽ خود هن سوسائٽيءَ جو 1940ع کان 1943ع تائين صدر پڻ رهيو. 1947ع ۾ لئمبرڪ انڊين سول سروس تان رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌ ڇڏي انگلينڊ هليو ويو، جتي کيس اورينٽيئل ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ”هندستاني تاريخ“ ۾ سينيئر ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو، جتي هن 1971ع تائين ڪم ڪيو. هن کي 1971ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ڊي.لِٽ جي ڊگري ڏني وئي ۽ اورينٽيئل ڪاليج جو فيلو ايمريٽس (Fellow Ameratus) چونڊيو ويو. ايڇ.ٽي لئمبرڪ انگلينڊ واپسيءَ واري وقت شادي ڪئي، سندس گهر واري گئبلري وقت کان اڳ 1968ع ۾ گذاري وئي. کيس ٻه پٽ، رچرڊ ۽ وليم ٿيا. ايڇ.ٽي لئمبرڪ خود هڪ ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ 31 آگسٽ 1982ع تي وفات ڪئي. وفات کانپوءِ سندس وصيت موجب سندس ٻئي پٽ، هن جي سموري لائبريري لنڊن کڻائي آڻي، سنڌالاجي کي تحفي طور ڏني هئي. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي لباس سان پيار هو. هو بوسڪيءَ جي جوڙي ۽ پٽڪي ۾ ملبوس رهندو هو. سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ جڏهن لنڊن جي آڪسفورڊ شهر ٻاهران بُوئر جي ٽڪريءَ تي رهائش پذير هو، تڏهن سنڌ جو ڪو ماڻهو ساڻس گهر تي ملڻ ويندو هو ته ان کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جا رنگين قصا ٻڌائي خوش ٿيندو هو، هن سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ هيٺيان مشهور آهن: (i) Sir Charles Napier and Sindh (1952). (ii) John Jacob of Jacobabad (1966). (iii) Sindh: A General Introduction Vol:I. (iv) Sindh Before Muslim Conquest Vol:II. هن پويان ٻئي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ جي گذارش تي لکيا هئا، جن مان پهريون ڪتاب 1964ع ۾ ۽ ٻيو ڪتاب 1973ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن جا ان کان پوءِ به ٻه ٻه ڇاپا اچي چڪا آهن. هنن ٻنهي ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو: ”سنڌ: هڪ عام جائزو“ ۽ ”سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ“ عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ پاران، ترتيبوار 1982ع ۽ 1984ع ۾ ڇپيا ۽ ٻنهي ڪتابن جا هن وقت تائين ٽن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. پهرين ڪتاب جو ترجمو سليم احمد ۽ ٻئي جو سومار علي سومري ڪيو هو. کيس سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي صلي ۾ ”سنڌ: صدين کان سيمينار“ جي موقعي تي 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني وئي. ”ليمبرڪ پيپرس“ انگلينڊ ۾ پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ انگريزي دور ۾ حُرن بابت ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جي سموري لکپڙهه شامل آهي. ان مواد کي ”سي.ڊي“ جي صورت ۾ محترم خادم حسين سومري سنڌ آندو هو، ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هال ۾ اٿارٽيءَ ۽ سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ جي سهڪار سان 25 جنوري 2009ع تي جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان پروگرام جي رونمائي ڪئي هئي. ان موقعي تي اديبن ۽ عالمن ان مواد تي روشني وجهندي چيو هو ته هي مواد اختلافي آهي، جنهن ۾ حرن خلاف انگريزن جو هڪ طرفو موقف پيش ڪيل آهي، بهرحال ان جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جي اهم رخن جو نئين سر جائزو وٺي سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.00.00  عيسوي

ايڇ ٽي لئمبرڪ 1940ع ۾ برطانيا ۾ جنم ورتو


1982.08.31  عيسوي

ايڇ . ٽي لئمبرڪ خود هڪ ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ 31 آگسٽ 1982ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽالپر هز هائينس مير نور محمد خان حمزوي ثاني
شاهد خاقان عباسي
جسڪاڻي محمد مٺل
جاحظ1
ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر
دراني آغا عطا محمد
ادراڪي بيگلار
ڀٽو مولا بخش مسڪين
خليل بن بصري
پرڪاش مڻي دادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون