داخلا نمبر 4084
عنوان ايمنسٽي انٽرنيشنل
شاخ ادارا ۽ تنظيمون
پڙهيو ويو 307 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا پهرئين جلد جو ضميمو
ايمنسٽي انٽرنيشنل

ايمنسٽي انٽرنيشنل

ايمنسٽي انٽرنيشنل

ايمنسٽي انٽرنيشنل (Amnesty International ):ايمنسٽي انٽرنيشنل هڪ غير سرڪاري بين الاقوامي تنظيم (NGO) آهي، جيڪا انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۾ درج انساني حقن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري ٿي. ايمنسٽي انٽرنيشنل مئي 1961ع ۾ هڪ برطانوي وڪيل پيئربيسن قائم ڪئي. هو هڪ ڏينهن اخبار پڙهي رهيو هو ته ٻه پور چوگنبز شاگردن کي ست سال ٻڌايل قيد جي سزا واري خبر هن کي پريشان ڪري ڇڏيو. انهن شاگردن جو ڏوهه صرف اهو هو ته هنن آزادي لاءِ رٿ پيش ڪئي، بيٽسن 02 مئي تي هڪ اخبار ۾ پنهنجو هڪ مضمون “The Forgottion Prisoner” ڇپايو، جنهن ۾ هن ۾ دنيا جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي اپيل ڪئي ته هو قيدي شاگردن جي حق ۾ مضمون ڇپائين. مضمون جو رد عمل اهڙو ته اثرائتو نڪتو، جو هڪ سال اندر ظلمن جي شڪار ماڻهن جي حق ۾ اهڙا گروپ هڪ درجن کان وڌيڪ ملڪن ۾ قائم ٿي ويا. ايمنسٽي انٽرنيشنل خاص ڪري ضمير جي قيدين جي آزاديءَ لاءِ مهم هلائيندي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي آهي ته سياسي قيدين خلاف داخل ڪيس جلدي ۽ منصفاڻي طريقي سان هلايا وڃن. هي تنظيم موت ۽ قيد دوران تشدد جي خلاف به ڪم ڪندي رهندي آهي، سياسي قتلن تي احتجاج ڪندي حڪومت ۽ مخالف گروپن هٿان انساني حقن جي خلاف ورزي خلاف به ڪم ڪندي آهي. بين الاقوامي معاملن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جا ڪيترا موقف تنقيد جوڳا به رهيا آهن. مثال طور هن تنظيم جو هڪ موقف خاص تنقيد جو نشانو بڻيو. اهو موقف هو ته فلسطيني مهاجرين ۽ انهن جي خاندان کي پنهنجي وطن فلسطين واپس وڃڻ جو حق آهي. 1962ع کان وٺي دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هن طرح جا گروپ ڪم ڪري رهيا آهن، تنظيم ٺاهڻ جي شروعاتي سالن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي توجهه انساني حقن جي اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل ۾ صرف ارڙهن ۽ اوڻيهه نمبر رکيا. انهن آرٽيڪلن جو تعلق سياسي قيدين سان آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن تنظيم انساني حقن جي خلاف ورزي جي مختلف ظلمن جو شڪار ٿيندڙن جي ڪم کي به پنهنجي مشن ۾ شامل ڪيو. صرف سال 2000ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل 3685 ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو، ايمنسٽي هن ۾ قيدي صورتحال کي بهتر بنائڻ ۾ ڪافي ڪامياب ويئي. هن وقت ايمنسٽي انٽرنيشنل جا ساڍا ست هزار گروپ هڪ سئو ٻاهٺ ملڪن ۽ خطن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هن تنظيم جي ڪارڪنن جو تعداد هڪ ملين جي لڳ ڀڳ آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي سوين ملڪن ۾ 44600 کان وڌيڪ قيدين لاءِ ڪم ڪيو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل کي سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪرڻ تي 1977ع ۾ نوبل ’امن‘ انعام ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو