ايم اي قاضي ڊاڪٽر

ايم اي قاضي ڊاڪٽر: سائنسدان، تعليمي ماهر، محقق ۽ استاد، ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي، 25 جون 1929ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. اصل نصرپور جو رهاڪو هو. ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ انٽر، ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1955ع ۾ ڪنگس ڪاليج لنڊن مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين، جنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽري شعبي جو باني ڊائريڪٽر پڻ هو. ان شعبي کي پوءِ وڌائي انسٽيٽيوٽ بنايو ويو جنهن کي ڊاڪٽر ممتاز علي قاضيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. پڙهائڻ دوران پنهنجي تعليم کي جاري رکندي ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارن مان ايل. ايل. بي، ايف. پي. اي. ايس، ايف. آءِ. اي. ايس، ايف، پي. سي. ايس، ايف. آر. سي. ايس ۽ ڊي. ايس سي جون ڊگريون حاصل ڪيائين.
سائنس ۽ ٻين موضوعن تي سندس ڪيترا تحقيقي مقالا شايع ٿيا، جڏهن ته 17 ڪتاب پڻ لکيا هئائين، جن مان ”اسلامي سوچ ۽ جديد سائنس“، ”اسلامي دنيا ۽ سائنس“ ۽ ”ڊڪشنري آف ٽيڪنيڪل ٽرمس“ مشهور آهن. ان کان سواءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي يونيورسٽين جي نصاب ۾ سندس لکيل ڪتابن جا باب پڻ شامل هئا. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف موضوعن تي تمام گهڻا مضمون ڇپجي چڪا اٿس.
پاڻ 1972ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جو سيڪريٽري، 1977ع ۾ اسلام آباد ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۽ پاڪستان ڪائونسل آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجيءَ جو چيئرمئن، 1977ع ۾ تعليم جو وفاقي سيڪريٽري، 1980ع ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ لاءِ صدر پاڪستان جو صلاحڪار ۽ 1985ع ۾ وزيراعظم پاڪستان جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ صلاحڪار ٿيو. ان کان سواءِ ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن ۾ مختلف عهدن تي رهيو. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ، لطيف يونيورسٽيءَ، يونيسڪو ۽ ٻين ادارن طرفان سونن تمغن سان نوازيو ويو.
ڊاڪٽر صاحب، آمريڪا، برطانيا، جاپان، آسٽريليا، سريلنڪا، ڪينيا، ملائيشيا، فرانس، رومانيه، سوئٽرزلئنڊ، ترڪي، اردن، ڪويت، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ منعقد ٿيل 72 ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ گڏجاڻين ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو باني پڻ هو. سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي سهڪار هيٺ ڊاڪٽر صاحب، سالن تائين ”سائنس“ مخزن ڪڍندو رهيو. 26 جنوري 1988ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.06.25  عيسوي

ايم اي قاضي ڊاڪٽر: سائنسدان ، تعليمي ماهر ، محقق ۽ استاد ، ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي ، 25 جون 1929ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو . اصل نصرپور جو رهاڪو هو .


1988.01.26  عيسوي

ايم اي قاضي : 26 جنوري 1988ع تي وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو شهمير خان
جان ملٽن
خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر
دينوري ابو حنيفه
الهه رکا
پراتڀا ديوِي سنگهه
پرمانند ڏيپچند هندوجا
ممتاز علي ڀنڊ
جاويد شيخ
محمد بخش سميجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون