داخلا ؛ 2891
پڙهيو ويو ؛ 913
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-15


تصويرون




ٽائيم لائين

1981.02.00-A.D
ايم . آر . ڊي / ايم آر ڊي ( M . R . D ) : هيءَ تحريڪ پاڪستان ۾ حڪومت جي مخالف ڌر جي پارٽين گڏجي ، فيبروري 1981ع ۾ صدر ضياءُ الحق تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هلائي هئي ته جيئن هو 1973ع جي آئين موجب غيرجانبدار چونڊون ڪرائي .

1981.01.06-A.D
ايم آر ڊي تحريڪ؛ هن تحريڪ جو بنياد ، 6 جنوري 1981ع تي لاهور ۾ پيو . سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ تحريڪ جي شروعات 1983ع ۾ ٿي .

1986.00.00-A.D
1986ع ۾ ٻيهر ايم . آر . ڊي تحريڪ هلائي ويئي . هن ڀيري تحريڪ استقلال ايم . آر . ڊيءَ کان جدا ٿي چڪي هئي .

1988.00.00-A.D
سنڌ جو آواز عالمي سطح تائين پهتو . 1988ع جي عام چونڊن کان ٿورو اڳ هي اتحاد ( ايم . آر . ڊي ) ختم ٿي ويو . هر پارٽي الڳ الڳ ٿي وئي .




sindhianaسنڌيانا--ايم آر ڊي

ٽائيٽل ؛ ايم آر ڊي


شاخ : ادارو

ايم. آر. ڊي / ايم -آر- ڊي(M.R.D ):هيءَ -تحريڪ پاڪستان- ۾ حڪومت جي مخالف ڌر جي پارٽين گڏجي، فيبروري 1981ع ۾ صدر ضياءُ -الحق- تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هلائي هئي ته جيئن هو 1973ع جي -آئين- موجب غيرجانبدار چونڊون ڪرائي. هن تحريڪ ۾ هيٺيون 11 سياسي پارٽيون شامل هيون: -پاڪستان- پيپلزپارٽي، جميعت علماءِ اسلام، نئشنل عوامي پارٽي، نئشنل ڊئمو ڪرئٽڪ پارٽي، -پاڪستان- ڊئموڪرئٽڪ پارٽي، عوامي تحريڪ، -پاڪستان- مزدور ڪسان پارٽي، -پاڪستان مسلم ليگ- (خواجه خيرالدين گروپ)، -پاڪستان- نئشنل پارٽي، قومي محاذ -آزادي- ۽ تحريڪ استقلال.
هن تحريڪ جو بنياد، 6 -جنوري- 1981ع تي لاهور ۾ پيو. سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ تحريڪ جي شروعات 1983ع ۾ ٿي. -پاڪستان- پيپلزپارٽيءَ جي -ان- وقت جي سنڌ جي صدر غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ عوام روڊن تي نڪري آيو. مظاهرا ۽ هڙتالون ڪيائون، تنهنڪري ڪافي گرفتاريون به ٿيون. پي. پي. پي جي ڪارڪنن ۽ سرڪاري ايجنسين جي وچ ۾ هنگاما ٿيا. تحريڪ وڏي پيماني تي هلي، پر جنرل ضياءُ -الحق- مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو.
1986ع ۾ ٻيهر ايم. آر. ڊي تحريڪ هلائي ويئي. هن ڀيري تحريڪ استقلال ايم. آر. ڊيءَ کان جدا ٿي چڪي هئي. هن تحريڪ دوران سنڌ کي وڏو نقصان رسيو. سوين سنڌي نوجوان، فوجي حڪومت هٿان شهيد ٿي ويا. هن تحريڪ ۾ خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، دادوءَ، سڪرنڊ، موري، نوشهري فيروز، ڳوٺ طيب ٿهيم، ڳوٺ احمد خان برهماڻيءَ جا سوين -انسان- قتل ٿيا ۽ سنڌ جو آواز عالمي سطح تائين پهتو. 1988ع جي عام چونڊن کان -ٿورو- اڳ هي -اتحاد- (ايم. آر. ڊي) ختم ٿي ويو. هر -پارٽي- الڳ الڳ ٿي وئي. پيپلزپارٽي اڪيلي سر، وڏي -پارٽي- هئڻ جي ناتي، چونڊن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته ٻين پارٽين مسلم ليگ سان -اتحاد- ڪري ”اسلامي جمهوري اتحاد“ (آءِ. جي. آءِ) جو بنياد رکيو.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Movement_for_the_Restoration_of_Democracy




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ايم آر ڊي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ايم آر ڊي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن