اياز حسين ابڙو

اياز حسين ابڙو

اياز حسين ابڙو

اياز حسين ابڙو: مشھور مصور اياز حسين ولد يار محمد خان ابڙو، 13 مئي 1946ع تي ڳوٺ جيئڻ ابڙي، تعلقي قنبر ۾ ڄائو. سندس والد فارسيءَ جو ڄاڻو ۽ شاعريءَ جو شوق رکندو هو، جنھن ڪري هن جو به فنون لطيفه ڏانهن لاڙو ٿيو. هن ابتدائي تعليم جيئڻ ابڙي ۽ قنبر هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. 1962ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. 1972ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ۽ 31 ڊسمبر 1998ع تي هيڊ ماستر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. اياز حسين، مصوريءَ جي سکيا قنبر جي مشھور مصور محمد عالم ابڙي کان ورتي، جنھن کان پوءِ مسلسل رنگن سان منظر چٽيندو رهيو. خاص طور هن ڪلچرل ۽ منيئيچر پينٽنگس ٺاهيون، جن ۾ گلن، پوپٽن، زميني منظرن ۽ جانورن وغيره جون پينٽنگس شامل آهن. هن پکين جا مٽيءَ ۽ پلاســٽر آف پئرس مان ڪيترا عمدا ماڊل پڻ ٺاهيا. اياز حسين ابڙو مصور سان گڏ موسيقار به هو. سارنگي، بانسري، سرندو، وائلن، بينجو، هارمونيم ۽ ڪي بورڊ وغيره مھارت سان وڄائيندو هو. جڏهن ته وائلن، سرود، سرندي، سارنگيءَ ۽ مرنا واري يڪتاري جهڙا ساز خود ٺاهيندو هو. اياز مصوريءَ ۽ موسيقيءَ کان سواءِ شاعري به ڪندو هو.. هن جا هيٺيان ڪتاب اشاعت هيٺ آهن: (1) بحر فراق (شاعري)، (2) بيان ساز (سازن بابت الف - ب وار ڄاڻ) ۽ (3) راڳ وديا (هنديءَ مان ترجمو). هن نامور مصور 10 جنوري 2003ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ اياز حسين ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

20.05.1946  عيسوي

اياز حسين ولد يار محمد خان ابڙو ،13 مئي 1946ع تي ڳوٺ جيئڻ ابڙي تعلقي قنبر ۾ ڄائو .


00.00.2002  عيسوي

اياز حسين ابڙي 10 جنوري 2003ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان هاروني خواجه
انيلا ابڙو
برڪت علي خان
لطف الله حساماڻي
سلمان طاهرعلامه
حڪيم ڌنراج
اشرف بلوچ 2
ڪشنچند پارواڻي
راشدي سيد بدرالدّجيٰ شاهه
نکل آڏواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون