ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو

ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو

ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو

ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو: شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو وڏو فرزند، 14 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم سينٽ پئٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان پري انجنيئرنگ ۾ انٽرميڊيئيٽ پاس ڪيائين. 1950ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ شامل ٿيو. چئن سالن جي تربيت لاءِ رايل آسٽريلين ايئرفورس ۾ موڪليو ويو، جتان فلائنگ انسٽرڪٽر ۽ فايرليڊر جا سرٽيفڪيٽ ورتائين. وطن واپس اچي سرگوڌا ۽ پسرور ۾ جنگي اسڪواڊرن جي اڳواڻي ڪيائين. کيس 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ ”ستاره جرات“ جو اعزاز مليو. 1970ع ۽ 1971ع ۾ پاڪستان جي هوائي صلاحڪار جي حيثيت ۾ نئين دهليءَ ۾ مقرر ٿيو. وطن واپس اچي هوائي بچاءَ جي ڪمانڊر جي حيثيت سان ڊائريڪٽر آف آپريشن ۽ ريسرچ مقرر ٿيو. 1975ع ۾ رايل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز، لنڊن ۾ شرڪت ڪيائين. 1976ع ۾ پاڪستاني فضائي فوج جي رفيقي ايئربيس (شور ڪوٽ) جو بيس ڪمانڊر ۽ پوءِ سرگوڌا جو ڪمانڊر رهيو. ايئر هيڊ ڪوارٽر، پشاور ۾ اسسٽنٽ چيف آف ايئر، ۽ پوءِ چڪ لالا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ ايئر وائيس مارشل بڻايو ويو ۽ سول ڊفينس جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1982ع ۾ زمبابوي جي هوائي فوج جي ڪمانڊر ۽ چيف آف ايئراسٽاف طور ٽن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. کيس زمبابوي جو ”آرڊر آف ميرٽ“ مليو. 31 جنوري 1986ع تي پي. آءِ. اي جو چيئرمئن مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ رٽائر ٿيو. حڪومت پاڪستان طرفان ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو. ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽي کي 18 آڪٽوبر 1999ع تي سنڌ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. گورنريءَ جي عهدي تي فائز ٿيڻ کان اڳ هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. 24 مئي 2000ع تي گورنر جي عهدي تان استعيفا ڏنائين. ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو3 اپريل 2017ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.09.14  عيسوي

ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو, شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو وڏو فرزند ، 14 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو .


1986.01.31  عيسوي

ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو 31 جنوري 1986ع تي پي . آءِ . اي جو چيئرمئن مقرر ٿيو ،


1999.10.18  عيسوي

ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽي کي 18 آڪٽوبر 1999ع تي سنڌ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثاقبه رحيم الدين
پرشوتم ڀڳوانداس
الياس
ادا جعفري
ڀاون سنگهه جي تلريجا
رند نواز علي خان
محمد رفيق بلوچ
ظهور خان ڀوپنگ نواز
استاد سينڌو خان
اشعري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون