سنڌالاجيءَ ۾ رکيل اوڌي داس جو مجسمو

سنڌالاجيءَ ۾ رکيل اوڌي داس جو مجسمو

اوڌو داس تاراچند راءِ بهادر

اوڌو داس تاراچند، راءِ بهادر: سندس اصل نالو اوڌو داس تاراچند ڇاٻڙيا هو. سندس جنم شڪارپور ۾ ٿيو. شڪارپور جي سماجي تاريخ ۾، سندس نالو مٿانهون آهي. شڪارپور ۾ اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ مان ٻاويهه هزار اٺ سؤ ڇاهٺ رپيا چندو گڏ ڪري اسپتال جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايائين. ڄاڻايل اسپتال جي تعمير لاءِ کيس وڏا ڪشالا ڪڍڻا پيا، ڇوته هڪ طرف ملڪي حالتون ٺيڪ نه هيون، ٻيو ته ورهاڱي وارين سياسي تحريڪن جي ڪري اوڌوداس، ذهني، اقتصادي ۽ روحاني طور ايترو سرگرم ٿي ويو، جو پاڻ بمبئيءَ ۾ چندي گڏ ڪرڻ واري مهم دؤران اچانڪ طبيعت جي خرابيءَ سبب ”سرهري ڪشنداس اسپتال بمبئيءَ“ ۾ بستري تي داخل ٿيو. ائين پوءِ سندس طبيعت بگڙجندي وئي ۽ 17 جنوري 1943ع تي لاڏاڻو ڪيائين. سندس لاڏاڻي کان پوءِ، اسپتال جو انتظام سندس پٽ جي حوالي ٿيو، پر کانئس انتظام نه هليو. آخر پهرين جولاءِ 1947ع تي اسپتال سرڪار جي تحويل ۾ آئي. هن دڀالو ۽ دانوير شخص جي نالي سان شڪارپور ۾ قائم اسپتال جي چانئٺ جي هر ڏاڪي تي سندس نالو لکيل آهي، ان لاءِ سرڳواسيءَ جو چوڻ هو ته مريض جڏهن منهنجي نالي کي لتاڙي استپال ۾ داخل ٿيندا ته منهنجي روح کي آرام ايندو، سرڳواسيءَ جو مجسمو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ رکيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو