داخلا ؛ 4052
پڙهيو ويو ؛ 277
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-29


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--اولڙو

ٽائيٽل ؛ اولڙو


شاخ : سائنس

اولڙو (Reflection ):عڪس يا پردو، -ان- کي روشنيءَ جي موٽ (Reflection) به چئبو آهي. جيئن ته روشني سڌي ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي، تنهنڪري غير شفاف (Non-Luminious) جسمن تي روشنيءَ جا ڪرڻا پوڻ سان، اهي سمورا يا ڪجهه موٽ کائيندا آهن. پر جيڪي شيون لسيون ۽ وڌيڪ چمڪدار ٿينديون آهن، سي روشنيءَ جي ڪرڻن کي وڌيڪ نمايان ۽ سُٺيءَ طرح واپس ڪنديون آهن. جيئن آئينو يا ڪنهن ٻي شيءِ جي لسي سطح ۽ پاليش ٿيل سطح. اهڙي قسم جي اولڙي کي روشنيءَ جي باقاعدي موٽ (Regular Reflection) چئبو آهي. جڏهن اسين ڪو آئينو سج طرف جھليندا آهيون ته اس موٽ کائيندي آهي ۽ پوءِ آئيني جو رُخ جنهن طرف به ڦيرائيندا آهيون، -اولڙو- به انهيءَ طرف ئي رخ ڪندو آهي. آئيني وارو -اولڙو- ايترو ته چِٽو هوندو آهي، جو جيڪڏهن اهو ماڻهن جي اکين تي پوي، ته يڪدم -اکيون- پورجي وينديون اٿس. جهڙي ريت سج طرف -اکيون- کڻي نه سگھبيون آهن. روشنيءَ جي موٽ جا قاعده مشهور سائنسدان ابن الهيشم (Ibn-ul-Hasham) معلوم ڪيا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرئين جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -اولڙو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اولڙو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنس - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آب پيما
آبدوز
آبدوز شڪن
آب شمار
بارود
بجلي
انفرميشن ٽيڪنالاجي
اڻ لڀ گئسون
اولڙو
توانائي
تعليم
تابڪاري
ٽيڪنالاجي
ٽيلي مواصلات
ٽيلي ميٽري
تاريخ


.....سائنس موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن