انڍڙ رفيق احمد

انڍڙ رفيق احمد

انڍڙ رفيق احمد

انڍڙ، رفيق احمد: سڄاڻ ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن، رفيق احمد انڍڙ تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ستابي انڍڙ ۾ 23 سيپٽمبر 1965ع تي جنم ورتو. سندس والد استاد محمد عباس،هاري ڪميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻ رهيو آهي. 1980ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پني عاقل مان مئٽرڪ ڪري، حيدرآباد جي مسلم سائنس ڪاليج مان انٽر ڪيائين. بعد ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي ادب ۾) ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1990ع ۾ پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ادب ۽ قومي سرگرمين ۾ دلچسپي رهي. 1982ع کان لکڻ جو آغاز ڪيائين، هيل تائين سوين ڪالم، مضمون ۽ شعر مختلف رسالن، اخبارن ۾ شايع ٿيا اٿس. 1973ع ڌاري جڏهن هارين جي حقن لاءِ هڙتالن جو سلسلو شروع ٿيو ته رفيق انڍڙ، پنهنجي والد سان گڏ الهه بچائي مرڻاس ۽ ٻين سان بک هڙتال تي ويٺو، ان وقت هُو سڀ کان ننڍي عمر وارو بک هڙتالي ڪارڪن هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ويجهو ساٿي ۽ هاري ڪميٽيءَ جو اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ پڻ ان بک هڙتال ۾ ساڻن گڏ هو. ان کان علاوه رفيق انڍڙ سائن بورڊ ۽ ريلوي اسٽيشنن جا نالا سنڌيءَ ۾ لکڻ واري مهم ۾ پڻ پنهنجي دوستن سان گڏ سرگرم رهيو. پاڻ ”سنڌي ٻارڙا سنگت سنڌ“ جو وائيس چيئرمئن رهيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران هُو ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي. ايس. ايف) جي دوستن سان گڏ جيل ڀريو تحريڪ سبب سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ مختصر عرصو قيد رهيو. 1986ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ڏيهه واپسيءَ تي ڀرپور استقبال واري مهم دوران پڻ گرفتار ٿيو. بعد ۾ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ ۾ جدوجهد دوران سکر ايئرپورٽ واري ڪيس ۾ پڻ هن 6 مهينا جيل ڪاٽيو، بعد ۾ هو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.09.23  عيسوي

رفيق احمد انڍڙ 23 سيپٽمبر 1965ع تي جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيگم حسن آرا
پنهون فقير ٻرڙو
سوناڪشي سنها
حاجي مولابخش سومرو
تارا ٻائي
جونپوري سيد محمد
آسودارام سَنت
امام بخش گهرياڻي
ڌرم ڪمار تولاڻي
زوار نقوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون