انڌا اونڌا ويڄ

انڌا اونڌا ويڄ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نامياري نقاد رسول بخش پليجي صاحب جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي. ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ محترم ابن حيات پنهور ڇپرايا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي. هن ڪتاب ۾ 160 صفحا آهن ۽ قيمت 3 رپيا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، اينسائيڪلوپيڊيا ڪارپوريشن حيدرآباد سال 1967ع ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ پڌرا ٿيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو