داخلا ؛ 2550
پڙهيو ويو ؛ 314
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون


Indian-Institute-of-Sindhology.jpg
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

ٽائيٽل ؛ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي


شاخ : ادارو

انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي: -آڪٽوبر- 1989ع ڌاري هندستان جي شهر پوني ۾ سنڌي اديبن پاران ڪوٺايل ادبي سيمينار ۾ يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪيو ويو ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي، ادب، فن ۽ -تعليم- جي بقا ۽ بچاءَ لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي. نتيجي ۾ انهي ئي سال (1989ع) آديپور، ڪڇ ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو بنياد وڌو ويو، ۽ 1990ع کان انهيءَ جون باقاعدي سرگرميون شروع ٿيون. انسٽيٽيوٽ جي آفيس، هڪ خريد ڪيل بنگلي ۾ قائم ڪئي وئي. شروع (91- 1990ع) ۾ انسٽيٽيوٽ جو خرچ پندرهن هزار ٿيو. سال 93- 1992ع ۾ اُن جي بجيٽ ساڍا ست لک رپيا ٿي. هن وقت -ان- جي بجيٽ تمام گهڻي مٿي آهي.
انسٽيٽيوٽ جي سرگرمين ۾ جدا جدا درجن وارا سنڌي ڪلاس هلائڻ، موسيقيءَ، ناچ، چترڪاريءَ ۽ ناٽڪ جي سکيا ڏيڻ سان گڏ پرسنئلٽي ڊيولپمينٽ ڪورس، I.A.S ۽ ٻين سول سروس جي امتحانن لاءِ صلاح ۽ اڀياس جا ڪلاس هلايا وڃن ٿا. -ان- کان سواءِ انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ’سنڌواڻي‘، ’بليٽن‘، ۽ ’رچنا‘ ادبي مخزن جي اشاعت، رفرنس لائبرري، ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ انسٽيٽيوٽ پاران ”ساڌو هيرانند نولراءِ اڪيڊميءَ“ جي نالي سان هڪ سنڌي ميڊيم اسڪول پڻ هلايو وڃي ٿو. هتي ڪمپوزنگ لاءِ سنڌي فانٽن جا ڪمپيوٽر ۽ سنڌي ٽائيپ رائيٽر پڻ آهن. -ان- کان سواءِ سنڌي پرنٽنگ جي سهوليت پڻ موجود آهي، جتان ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن اداري پاران پهريون ڪتاب ’نارائڻ شيام‘ جي نالي سان ڇپيو. 1993ع ۾ هن اداري ’سنڌي ناٽڪ جي اوسر‘ جي عنوان سان پريم پرڪاش جي، پي. ايڇ. ڊي ٿيسز پڻ ڇپائي پڌري ڪئي. هن انسٽيٽيوٽ پاران سنڌي ڪلامن جون ڪئسٽون پڻ -جاري- ڪيون ويون ۽ سنڌي ٻوليءَ، ادب، لوڪ ادب ۽ -ثقافت- تي ڪيترا ڪتاب ڇپايا ويا آهن. هن اداري جو بنياد وجهندڙ توڙي ڊائريڪٽر رهندڙ ٽي شخصيتون -تاريخ- ۾ هميشه ياد رهنديون، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ لکمي کلاڻي. هن وقت -ان- جو ڊائڪريٽر لکمي لکاڻي آهي. هن داري جي هڪ سرگرم ڪارڪن ومي سدارنگاڻي آهي، جيڪا شاعر هئڻ سان گڏ اداري جي ادبي پروگرامن جي آرگنائيزر پڻ آهي. انسٽيٽيوٽ جي پوسٽل ائڊريس: پوسٽ باڪس نمبر 10، 2/ بي 16، آديپور، ڪڇ 370205، ڀارت آهي ۽ E-mail ايڊريس آهي:
sindhlogy@wilnetnonline.net .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن