داخلا ؛ 3892
پڙهيو ويو ؛ 737
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-27


تصويرون


indonesia.jpg
انڊونيشيا جو نقشو
انڊونيشيا جو نقشو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--انڊونيشيا

ٽائيٽل ؛ انڊونيشيا


شاخ : ملڪ

انڊونيشيا (Indonesia ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه -انڊونيشيا- (Republic of Indonesia) آهي، جنهن جو پراڻو نالو نوسانتارا هو. انڊين اوشين (هندي سمنڊ) جي نسبت سان کيس -انڊونيشيا- چيو ويو. هي ڏکڻ -اوڀر- -ايشيا- جو اسلامي ملڪ آهي. هن جي -اتر- ۾ ملائيشيا، ملاڪا سامونڊي لنگهه، ڏکڻ ۾ چيني سمنڊ، سليبيز سمنڊ، فلپائن، اولهه ۾ پئسِفڪ سمنڊ، -اوڀر- ۾ پاپو آنيوگي ۽ آرافورا سمنڊ، ڏکڻ اولهه ۾ هندي سمنڊ ۽ -اتر- اولهه ۾ انڊيمان سمنڊ آهن. -انڊونيشيا- 13677 ٻيٽن تي ٻڌل ٻيٽن جو ڳٽڪو آهي. جيڪي -اوڀر- کان اولهه تائين 5150 ڪلوميٽر (3200 چورس ميل) جي ڊيگھه ۽ -اتر- کان ڏکڻ تائين 1930 ڪلوميٽرن (1200 ميل) جي ويڪر ۾ پکڙيل آهن. انهن ٻيٽن جي پکيڙ -آسٽريليا- جي -اتر- تائين آهي. ملڪ جو اڌ حصو جابلو آهي، 65 سيڪڙو ايراضي ساوڪ ڀريل ٻيلن سان ڍڪيل آهي. -انڊونيشيا- جي ڪل پکيڙ 1906200 چورس ڪلوميٽر (735800 چورس ميل) ۽ آبادي 22 ڪروڙ آهي. -انڊونيشيا- جي گاديءَ جو هنڌ جڪارتا (Jakarta) آهي ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ يونيڪ جايا (بلندي 5030 ميٽر) آهي. هتان جي سرڪاري -ٻولي- انڊونيشي آهي، جڏهن ته ملائي، جاوائي ۽ باتڪ پڻ ڳالهائجن ٿيون. هن ملڪ جي موسم خط استوا جي ويجھو هئڻ ۽ خط سرطان ۽ خط جري جي وچ ۾ هئڻ ڪري گرم هوندي آهي. هتي -برسات- گھڻي پوندي آهي. -انڊونيشيا- جي مکيه زرعي پيداوار، چانور، مڪئي، پٽاٽا، ناريل، ڪمند، رٻڙ، کجور، کؤنر، گجر، چانهه، ڪافي ۽ مصالحا آهن. مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، ڪاغذ، سيمنٽ، گاڏيون، سائيڪلون، ٽائر، رٻڙ جون شيون، پيٽروليم جون شيون، پلاءِ ووڊ اچي وڃن ٿيون. هتي جي مکيه معدنيات ۾ تيل، قدرتي گئس، ٽامو، نڪل، ايلومينم، قلعي، ڪوئلو، باڪسائيٽ، مينگانيز، تيزاب، ڪروميم، -ٽين- ۽ چاندي شامل آهن.
انڊونيشيا جي تاريخ، -تاريخ- کان به اڳ جي آهي. عام انسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته بندري قد ۽ وارو قديم انساني نسل هتي -آباد- هو. -جاوا- مان نڪتل 5 لک سال پراڻا انساني ڍانچا مليا آهن. -پٿر- جي زماني ۾ هتي ڪاري نسل جا بندرا ماڻهو -آباد- ٿيا. -جن- جو مذهب مظاهر پرستي هو ۽ جيڪي وحشي قبيلن واري جيوت گذاريندا هئا ۽ اڄ به جابلو علائقن جي اندروني حصن ۾ -آباد- آهن. هتي ستين ۽ اٺين صديءَ ۾ دلينڊرا ۽ سري وجايا نالي وڏيون سلطنتون قائم ٿيون. يارهين صديءَ ۾ ڪيدري سلطنت جو اوج ٿيو. -ان- زماني ۾ هتي مسلمان واپاري -اسلام- جي روشني کڻي آيا. عرب ۽ هندوستاني واپارين سماترا ٻيٽ ۾ سڀ کان اڳ ۾ -اسلام- جي تبليغ ڪئي. -ٻي عالمي جنگ- دؤران 1942ع ۾ جاپان -انڊونيشيا- تي قبضو ڪيو، جنهن سان ولنديزي اقتدار جي خاتمي جي راهه هموار ٿي. 12 مارچ 1966ع تي آرمي چيف جنرل سوهارتو صدارت تي قابض ٿي سوئيڪارنو کي تاحيات صدر ۽ وزيراعظم جي عهدي -تان- لاهي نظر -بند- ڪيو هو. انهيءَ حالت ۾ سوئيڪارنو 21 جون 1970ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. -انڊونيشيا- جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 27 ڊسمبر 1949ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 28 سيپٽمبر 1950ع کان اٿس. سنڌ جا سنڌ ورڪي واپاري -جاوا- ۽ سوماترا تائين وڃي ڪمائي شاهوڪار ٿيندا هئا، -ان- حوالي سان سنڌيءَ ۾ عيش ڪرڻ لاءِ ”جاوا ڪرڻ“ جو اصطلاح موجود آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا پهرئين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -انڊونيشيا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انڊونيشيا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ملڪ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باگڙ ديس
بحرين
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
بيلجيم
بنگال
بنگلاديش
آرمينيا
آسٽريا
آسٽريليا
انڊونيشيا
آمريڪا
آئرلينڊ
اسپين
اتر ڪوريا
اٽلي
بازنطيني سلطنت
برازيل
برونئي
بوٽسوانا
ڀارت
تنزانيا
ترڪمانستان
ترڪي
ڀوٽان
تاجڪستان
تائيوان
ٽوگو
تيونس
تبت
ٿائي لينڊ
ٿٻيٽ
فارس
پاڪستان
جپان
جرمني
پاناما


.....ملڪ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن