داخلا ؛ 4049
پڙهيو ويو ؛ 622
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-29


تصويرون


ipb.jpg
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽرنيشنل پيس بيورو



ٽائيم لائين

1891.00.00-A.D
انٽرنيشنل پيس بيورو ( International Peace Bureau-I . P . B ) : هن بين الاقوامي تنظيم جو بنياد سوئيٽزرلينڊ جي شهر برن ۾ 1891ع ۾ رکيو ويو .

1910.00.00-A.D
انٽرنيشنل پيس بيورو: هن تنظيم کي 1910ع جو نوبل انعام به ڏنو ويو .

1891.00.00-A.D
انٽرنيشنل پيس بيورو: هن اداري جو قيام 1891ع ۾ روس ۾ ٿيل ٽين عالمي ڪانگريس جي ميمبرن جي ڪوششن جو نتيجي طور ٿيو هو ،

1959.00.00-A.D
1959ع ۾ سوئيٽزرلينڊ جي عدالت هن تنظيم جي باقاعدي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ ان جا سمورا اثاثا بين الاقوامي ليزان ڪميٽيءَ ( International Liason Committee ) جي حوالي ڪيا ويا .




sindhianaسنڌيانا--انٽرنيشنل پيس بيورو

ٽائيٽل ؛ انٽرنيشنل پيس بيورو


شاخ : ادارو

انٽرنيشنل پيس بيورو (International Peace Bureau-I.P.B ):هن -بين- الاقوامي تنظيم جو بنياد سوئيٽزرلينڊ جي شهر برن ۾ 1891ع ۾ رکيو ويو. هن تنظيم جي قيام جو مقصد هڪ اهڙو مرڪز وجود ۾ آڻڻ هو، جنهن وسيلي مختلف ملڪن ۾ امن لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي گڏيل نموني -جاري- رکي سگهجي. هن تنظيم کي 1910ع جو نوبل -انعام- به ڏنو ويو. نوبل امن -انعام- جي شروعاتي ڏهن سالن ۾ هن تنظيم کي ست ڀيرا -ان- -انعام- لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، پر جڏهن نوبل ڪميٽيءَ هن تنظيم جي خدمتن جو اعتراف ڪندي -انعام- ڏنو ته -ان- کانپوءِ هن اداري جي ڪارڪردگي متاثر ٿيڻ لڳي.
هن اداري جو قيام 1891ع ۾ روس ۾ ٿيل -ٽين- عالمي ڪانگريس جي ميمبرن جي ڪوششن جو نتيجي طور ٿيو هو، عالمي ڪانگريس جي ميمبرن کي -ان- نڪتي تي متحد ڪرڻ ۾ فريڊرڪ -بيگر- (Fredrik Bager)، هاڊسن پريٽ (Hodgson Pratt) ۽ چارلس ليمونيئر (Charles Lemonier) اهم ڪردار ادا ڪيو هو، اداري جي بنيادي متن ۾ طئه ڪيو ويو هو ته هيءَ تنظيم: (1)سموري دنيا جي امن پسندن درميان رابطي کي مضبوط بڻائيندي، (2) امن لاءِ ڪم ڪندڙن کي معلومات فراهم ڪئي ويندي، (3) عالمي امن ڪانگريس لاءِ قراردادون تيار ڪرڻ کانسواءِ انهن تي عمل ڪرائڻ جو بندوبست ڪندي.
قيام جي شروعاتي سالن ۾ هن تنظيم انهن نڪتن تي عملدرآمد ڪري امن جي تحريڪ ۾ هڪ طاقتور آواز طور ڪم ڪيو. -جتي- به ڪنهن -جنگ- جو خطرو هوندو هو، اتي هي بيورو امن لاءِ اپيلون موڪلڻ جو انتظام ڪندو هو، پر اڳتي هلي هيءُ طريقو گهڻو ڪارگر ثابت نه ٿيو. قومن جي جماعت (League of Nations) ۽ پهرين -جنگ- عظيم کان پوءِ حڪومتي ۽ غير حڪومتي تنظيمن جي ميدان ۾ اچڻ کانپوءِ امن بيورو جي اهميت گهٽ ٿيندي وئي ۽ نيٺ ٻي -جنگ- عظيم دوران -ان- جون ڪارروايون معطل ٿي ويون. 1959ع ۾ سوئيٽزرلينڊ جي عدالت هن تنظيم جي باقاعدي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ -ان- جا سمورا اثاثا -بين- الاقوامي ليزان ڪميٽيءَ (International Liason Committee) جي حوالي ڪيا ويا. -ان- اڳوڻي امن تنظيم کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي نيت سان الڪوپ (Ilcop) -جنيوا- ۾ قائم پنهنجي سيڪريٽريٽ کي انٽر نيشنل بيورو آف پيس (International Bureau of Peace) جو نالو ڏنو. جيتوڻيڪ نوبل ڪميٽيءَ هي فيصلو مڃي ورتو، پوءِ هنَ ڪميٽي امن لاءِ جاکوڙيو اڳوڻي تنظيم وارو مقام حاصل نه ڪري سگهي.


Official web site
www.ipb.org/


wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/International_Peace_Bureau




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -انٽرنيشنل پيس بيورو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انٽرنيشنل پيس بيورو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن