انيتا شاهه لڪياري

انيتا شاهه لڪياري

انيتا شاهه

انيتا شاهه: ليکڪا ۽ ڪالم نويس انيتا شاهه لڪياري 15 نومبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل خدا آباد، ضلعي دادوءَ جا هئا. ايم بي اي (مارڪيٽنگ: 1998ع) ۽ ايم اي (سوشيالاجي: 2002ع) ڪئي. ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ (2000ع) ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفري فيلوشپ (07-2006ع) دوران عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪھاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيا. سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلنڊ) طرفان آڪٽوبر 2005ع کان جنوري 2006ع تائين مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪئي. غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتلام/ڪاروڪاري بابت مونوگراف به لکيائين. ان کان علاوه روزاني ’The news‘ ، ’Dawn ‘۽ ’ڪاوش‘ ۾ مختلف موضوعن تي سندس ليک/ڪالم شايع ٿيا. جن ۾: ’خوف جو ٻيو رخ‘، ’ٻھراڙي - شھري تقسيم‘، ’پلاسٽڪ ۽ اسين‘، ’گوسڙو استادن کان نجات‘، ’اسلام ۾ عورتن متعلق پيدا ڪيل غلط فھميون‘، ’پاڪ و هند ۾ عورتن جي سياسي سماجي ۽ معاشي حيثيت‘، ’علامه آءِ آءِ قاضي جي زندگي ۽ فڪر‘ جھڙا ليک اهم آهن. هن، عملي زندگي جي شروعات آگسٽ 1997ع کان بي بي سي انگلش لينگئيج سينٽر، حيدرآباد ۾ انگريزيءَ جي استاد طور ڪئي. آڪٽوبر 1999ع کان 2000ع تائين انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنسز اينڊ آرٽس، حيدرآباد ۾ انسٽرڪٽر رهي. 1999ع کان 2001ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي اداري بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ذميواريون نڀايون. 2001ع کان 2007ع تائين وائيس آف آمريڪا اردو ٽي وي پروگرام ’Beyond the Head Lines“ جي رپورٽر ۽ پروڊيوسر رهي. 1994ع کان 2015ع تائين روزاني ڪاوش (اخبار) جي ڪالم نويس، 2003ع کان 2007ع تائين ڪي ٽي اين ٽي وي چينل جي رائيٽر ۽ پروڊيوسر، 2004ع ۾ پنھنجي هڪ غير سرڪاري تنظيم ٽريوس (Truce) جي باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، 2001ع کان 2002ع تائين ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر، 2002ع کان 2004ع تائين سروسز ائنڊ جنرل ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪشن آفيسر، 2004ع کان 2008ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري، 2008ع کان2010ع تائين ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر (مانيٽرنگ)، 2011ع کان 2013ع تائين ڊسٽرڪٽ آفيسر (فنانس)، 2013ع کان 2016ع تائين روينيو بورڊ لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري، فيبروري 2016ع کان جون 2016ع تائين پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۾ چيف ڪميونٽي ڊولپمينٽ آفيسر رهي. جڏهن ته جولاءِ 2016ع ساڳئي اداري پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ ۾ چيف ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن آفيسر جي عھدي تي فائز رهي ۽ گڏوگڏ سيپٽمبر 2019ع کان کيس چيف لينڊ اينڊ لائسنز آفيسر جي اضافي چارج پڻ مليل رهي. سندس خدمتن جي اعتراف ۽ عورتن جي مسئلن تي بيباڪيءَ سان لکڻ تي کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز مليا، جن ۾: ’خان محمد پنھور اوارڊ‘ (2001ع)، ’خيرالنساءَ جعفري ادبي اوارڊ‘ (2001ع)، ’چارلس ويلئس وزيٽنگ فيلو شپ‘ (2005ع)، ’هيوبرٽ همفري فيلو شپ‘ (2006ع)، شامل آهن. ان کانسواءِ 2011ع ۾ پھرين پاڪستاني هيوبرٽ همفري فيلو ۽ ڏکڻ ايشيا مان مثالي اڳواڻ هجڻ جو اعزاز پڻ ماڻيو. هن 7 جنوري 2024ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ انيتا شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو