اندرجيت لوهاڻو

اندرجيت لوهاڻو

اندر جيت لوهاڻو

اندر جيت لوهاڻو: سڄاڻ ليکڪ، صحافي ۽ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل. اندر جيت ولد ڍالومل ’موتي‘ لوهاڻو، 1 فيبروري 1967ع تي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي (ماس ڪميونيڪيشن) ۽ ايل. ايل. بي اٿس. کيس ننڍپڻ کان علم، ادب سان چاھ رهيو. صحافتي دنيا ۾ هو روزاني ’سنڌ‘ ۽ روزاني ’الک‘ سان وابسته رهيو. پريس ڪلب حيدرآباد جو ڪائونسل ميمبر جڏهن ته ماهوار ’ششر‘ (ٻارن جي رسالي) جو ايڊيٽر ۽ پندرهن روزه مخزن ”سنڌ لائين“ جو جوائنٽ ايڊيٽر، سنڌ يونيورسٽي مان نڪرندڙ اخبار ’ڪئمپس ڪميونيڪيٽر‘ جو باني چيف ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. هن لکڻ جو آغاز ٻارن جي لاءِ شاعري ۽ مضمون نويسيءَ کان ڪيو. سندس لکڻيون ۽ ترجما پڻ شايع ٿيندا رهن ٿا. 1986ع کان 1989ع تائين ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ضلعي بدين جو صدر، پيپلز هيومن رائيٽس سنڌ جو 1993ع کان 2000ع تائين مرڪزي پريس ترجمان، هنڌو پنچائت حيدرآباد جو 1998ع کان 2006ع تائين ميمبر ۽ پريس سيڪريٽري پڻ رهيو. اندرجيت لوهاڻو سٺو وڪيل، سماجي ڪارڪن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ آھي. ’رائيٽس نائو پاڪستان‘ جو قانوني صلاحڪار، ھيومن رائيٽس ڊفينڊرڊ فورم سنڌ جو نائب صدر، ھيومن رائيٽس آرگنائيزيشن آف پاڪستان جو، سنڌ صوبي جو سينئر نائب صدر آھي. هو هڪ نامور وڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو